وشاڪاپٽنم-01 فيبروري(اي پي پي) ڀارت ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ اڄ جمعي کان 6 فيبروري تائين وشا ڪاپٽنم ۾ کيڏي ويندي. مهمان برطانوي ٽيم کي ميزبان ڀارت خلاف پنجن ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي، انگلينڊ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت جي ٽيم کي 28 رنسن تان شڪست ڏني هئي. انگلينڊ جي ٽيم پنهنجي ڀارت جي دوري دوران ميزبان ڀارتي ٽيم سان پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏيندي. پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ مهمان برطانوي ٽيم کي مشهور آل رائونڊر بين اسٽوڪس ليڊ ڪندو جڏهن ته ڀارتي ٽيم کي شروعاتي ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ مشهور اوپننگ بيٽسمين روهيت شرما ليڊ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 2 کان 6 فيبروري تائين وشاڪاپٽنم ۾ کيڏيو ويندو، ٽيون ٽيسٽ ميچ 15 کان 19 فيبروري تائين سو راشترا ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم، راجڪوٽ ۾ کيڏيو ويندو، چوٿين ٽيسٽ ميچ 23 کان 27 فيبروري تائين جي ايس سي اي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ڪامپليڪس، رانچي ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 7 کان 11 مارچ تائين هماچل پرديش ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم، ڌرم شالا ۾ کيڏي ويندي.