هوبارٽ – 29 جنوري (اي پي پي) آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا جي وومينز ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽي 20 ڪرڪيٽ ميچ (اڄ) اڱاري تي بيلريو اوول، هوبارٽ ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي 20 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي. ٽن ٽي 20 ميچن جي سيريز کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي شروعات 3 فيبروري تي پهرين هڪ ڏينهن واري ميچ سان ٿيندي، ٻئين ميچ 7 فيبروري جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 10 فيبروري تي کيڏي ويندي. مهمان ڏکڻ آفريقن وومينز ٽيم ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کان علاوه ميزبان ٽيم خلاف واحد ٽيسٽ ميچ پڻ کيڏندي جيڪا 15 کان 18 فيبروري تائين کيڏي ويندي.