نئين دهلي- 29 جنوري (اي پي پي) ڀارت ۽ انگلينڊجي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ميچن جي ٽيسٽ سيريز جي ٻي ميچ 2 کان 6 فيبروري تائين کيڏي ويندي. مهمان انگلينڊ جي ٽيم کي ميزبان ڀارت جي ٽيم خلاف 5 ميچن جي سيريز ۾ 01-0 جي برتري حاصل آهي. انگلينڊ جي ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارتي ٽيم کي 28 رنسن تان شڪست ڏني هئي. انگلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي آل رائونڊر بين اسٽوڪس ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ڀارتي ٽيم جي قيادت روهٽ شرما ڪري رهيو آهي. ٻنهي ٽيمن وڌ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 02 فيبروري، ٽين ٽسسٽ ميچ 15 فيبروري، چوٿين ٽيسٽ ميچ 23 فيبروري ۽ پنجين ٽيسٽ ميچ 7 مارچ کان 11 مارچ تائين کيڏي ويندي.