ميلبورن- 22 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا ۽ پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻئين ميچ 26 ڊسمبر کان ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ، ميلبورن ۾ شروع ٿيندي. آسٽريلوي ٽيم کي پاڪستان خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل آهي. آسٽريليا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻئين ٽيسٽ 26 کان 30 ڊسمبر جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 3 کان 7 جنوري 2024 تائين کيڏي ويندي.