سنچورين- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 26 کان 30 ڊسمبر تائين سپر اسپورٽس، سنچورين ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم ٽن هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي ميچن جي سيريز ۾ ميزبان پروٽيز کي 2-1 تان شڪست ڏني هئي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ٿي وئي هئي. پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ برسات جي نذر ٿي وئي هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 26 کان 30 ڊسمبر تائين جڏهن ته ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 3 کان 7 جنوري 2024 تائين کيڏي ويندي.