پرٿ-14 ڊسمبر (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور بيٽسمين بابر اعظم جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ميچن جي اڌ سينچري مڪمل ٿي وئي، 29 سالن جي بابر اعظم آسٽريليا خلاف ٽن ميچن جي سيريز جي پرٿ ۾ شروع ٿيندڙ شروعاتي ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت ڪري ٽيسٽ ميچن جي اڌ سينچري مڪمل ڪري ورتي. ان موقعي تي ڪپتان شان مسعود بابر اعظم کي سوينيئر ۽ ڪيپ پيش ڪئي. شان مسعود بابر اعظم سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان کي اڃان گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻو آهي، اوهان پاڪستان جي بيٽنگ کي تبديل ڪيو آهي، شان مسعود چيو ته اوهان ثابت ڪيو آهي ته بيٽسمين ورلڊ ڪلاس بيٽسمين جي فهرست ۾ اچي سگهن ٿا، اوهان پاڪستان جي ٽيم جي ڪپتاني ڪئي آهي، هن اهو به چوڻ ته اڃان شروعات آهي، اوهان کي 100 ٽيسٽ ميچ کڏيندو ڏسڻ چاهيندس، واضح رهي ته بابراعظم پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 47.75 جي اوسط سان 3772 رنسون ٺاهي چڪو آهي جنهن ۾ سندس 9 سينچريون ۽ 26 اڌ سينچريون شامل آهن.