ڪراچي-14 ڊسمبر (اي پي پي) جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ پنجين ۽ اٺين پوزيشن جي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي . پاڪستان هاڪي فيڊريشن کان خميس ڏينهن تي جاري ڪيل تفصيل مطابق ايف آئي ايڇ جي اهتمام هيٺ ملائشيا جي شهر ڪوالمپور ۾ کڏيل جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ جي پنجين ۽ اٺين پوزيشن جي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 5 جي مقابلي ۾ 7 گول تان شڪست ڏني .