ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي ٽوئيٽ ۾ هنيل الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته 5 لک غيرقانوني رهندڙ ماڻهو پاڪستان مان رضاڪاراڻي طور پنهنجي وطن واپس ويا، انهن کي جبري طور تي ناهي ڪڍيو ويو، ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جو ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن جون مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪنداسين، چونڊن ۾ سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي سيڪيورٽي ۽ موقعا حاصل هوندا، خوشي آهي ته ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس اڄ 66 هزار جي حد عبور ڪري چڪو آهي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ پڻ بهتري آئي آهي، رياستي ميڊيا تي ڪنهن رجسٽرڊ سياسي پارٽي جي ڪوريج تي پابندي نه آهي، سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي، پاڪستان ان وقت مضبوط ٿيندو جڏهن ان جي زبان ۽ ڪلچر مضبوط ٿيندو، پي ٽي وي بولان جي نشريات بلوچستان جي ڏورانهن علائقن تائين پهچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ صوبائي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، 8 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ چونڊون ٿينديون، ان بابت ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت چئني صوبائي حڪومتن سان گڏجي ان فرض کي سرانجام ڏيندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، اسان کي جنهن حالت ۾ ملڪ مليو آهي، ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي خوشي آهي ته ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 66 هزار جي حد عبور ڪري چڪو آهي، ڊالر جي قدر ۾ پڻ گهٽتائي ٿي آهي، ڪجهه ماڻهو افواهون پکيڙي رهيا هئا ته آءِ ايم ايف جي ايندڙ بورڊ ۾ پاڪستان جو ڪيس شامل نه آهي جڏهن ته بلومبرگ جي اڄ جي خبر آهي ته 11 جنوري ي پاڪستان آءِ ايم ايف بورڊ جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جي دوري جي حوالي سان اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته بلوچستان ملڪ جي جاگرافيائي ايراضي جو 43 سيڪڙو حصو آهي جيڪو تاريخي لحاظ کان هڪ اسٽريٽجڪ صوبو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي بولان جي نشريات کي انٽينا جي ذريعي بلوچستان جي ڏورانهن علائقن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته 17 ڊسمبر کان پي ٽي وي بولان تي هزاروي زبان ۾ پڻ نشريات شروع ڪئي پئي وڃي، پي ٽي وي بولان جون فني ۽ هيومن ريسورس ضرورتون پوريون ڪنداسين. هن چيو ته نگران حڪومت جا اختيار ۽ مدو محدود آهي، ڪوئيٽا پريس ڪلب ۽ بلوچستان جي صحافين جي ڀلائي لاءِ جيڪو به ممڪن ٿيندو، قدم کڻنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊن ۾ هر پارٽي عوام جون همدرديون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، جمهوريت جي اندر گوڙ هوندو آهي، خاموشي ناهي هوندي. پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي ٽوئيٽ بابت سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي ٽوئيٽ ۾ جيڪي الزام هنيا ويا انهن جو ڪو بنياد نه آهي، 5 لک غيرقانوني رهندڙ ماڻهو پاڪستان مان رضاڪاراڻي طور ويا، انهن کي جبري طور تي ناهي ڪڍيو ويو. ان ٽوئيٽ سان چونڊن ۾ اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن سان ٻين سياسي پارٽين جي مقابلي ۾ انهن کي وڌيڪ فائدو ٿئي. هن چيو ته چونڊن ۾ سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي سيڪيورٽي ۽ موقعا حاصل هوندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام جو پاڪستان جي سياسي نظام ۽ سياسي تاريخ ۾ اهم ڪردار آهي، پاڪستان جي آئين تي جن پارٽين جي سربراهن جون صحيحون آهن، انهن ۾ جمعيت علماءِ اسلام به شامل آهي، جي يو آءِ ۽ ان جي اڳواڻن جي سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪرڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ذميواري اهي، اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي آئيني ۽ سياسي نظام ۾ اهو واحد ادارو آهي جنهن کي چونڊون ڪرائڻيون آهن، اليڪشن ڪميشن کي جتي سيڪيورٽي جي ضرورت هوندي، پاڪستان حڪومت ڏيندي. پي ٽي وي بولان بابت سوال تي نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ان وقت مضبوط ٿيندو جڏهن ان جون زبانون ۽ ڪلچر مضبوط ٿيندو، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته پي ٽي وي بولان تي نه رڳو هزاروي زبان ۾ پروگرام شروع ٿين پر براهوي، بلوچي ۽ پشتو زبانن جي نشريات جي وقتن ۾ پڻ اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته پي ٽي وي بولان نشريات هن وقت رڳو ڪيبل ۽ سيٽلائيٽ تي موجود آهي، بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جتي ڪيبل ۽ سيٽلائيٽ جي سهولت نه آهي، اتي انٽينا جي ذريعي پي ٽي وي بولان جي نشريات شروع ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ته جيئن ماڻهو پنهنجي پسنديده زبانن بلوچي، پشتو، براهوي ۽ هزاروي ۾ پروگرامن کي سادي انٽينا جي ذريعي ڏسي سگهن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ريڊيو پاڪستان جي مسئلن کان پڻ آگاهه آهيان، ريڊيو پاڪستان جي زمين جي هڪ انچ تي به قبضو ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته ريڊيو ۽ پاڪستان ٽيليويزن قومي نشرياتي ادارا آهن، اهي سدائين قائم رهندا، اهي دنيا جي بهترين براڊ ڪاسٽرز جي مقابلي ۾ اڳتي ايندا، انهن جو مستقبل اونداهون نه روشن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته پي ٽي وي جي ڪرنٽ افيئرز پروگرامن ۾ تحريڪ انصاف جا نمائندا موجود هوندا آهن، اهي پنهنجو موقف وضاحت سان رکن ٿا. هن چيو ته رياستي ميڊيا، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان تي ڪنهن رجسٽرڊ سياسي پارٽي تي ڪا پابندي نه آهي، سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي.