ڊونيڊن -04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وومينز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ (اڄ) اڱاري تي ڊونيڊن ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان جي وومينز ٽيم کي ميزبان ٽيم خلاف 3 ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسري حاصل آهي. نيوزيلينڊ جي وومينز ٽيم کي سوفي ڊوائن ليڊ ڪري رهي آهي. جڏهن ته پاڪستان جي ٽيم ندا ڊار جي قيادت هيٺ ميدان ۾ لهندي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 9 ڊسمبر تي کيڏي ويندي جنهن کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز پڻ کيڏي ويندي.