ماسڪو-26 آڪٽوبر(اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ حماس جي جنگ وچ اوڀر کان ٻاهر تائين پکڙجي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه درست ناهي ته معصوم عورتن، ٻارن ۽ بزرگ فلسطينين کي ٻين ماڻهن جي ڏوهن جي سزا ڏني پئي وڃي. سعودي خابرو اداري موجب هن ڪريملن ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي چي ته خطي ۾ رتوڇاڻ جو سلسلو روڪجڻ گهربو هو، هن چيو ته هن اها ڳالهه دنيا جي ٻين اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطي دوران چئي ته جيڪڏهن جنگ بندي نه ڪئي وئي ته خطرو آهي ته هي وچ اوڀر کان ٻاهر تائين پکڙجي ويندي. اڄ اسان جي هي ذميواري آهي ته ان رتوڇاڻ ۽ تشدد کي روڪيون ٻي صورت ۾ بحران وڌيڪ وڌي ويندو جنهن جا وڏا خراب اثر پوندا. خدشو آهي ته هي خراب اثر صرف وچ اوڀر تائين لاءِ نه هوندا پر وچ اوڀر جي سرحدن کان ٻاهر تائين هليا ويندا. روس جي صدر پنهنجي رمارڪس ۾ اولهندي ملڪن تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪجهه مخصوص فوج خطي ۾ ڏڦيڙ ۽ جنگ کي هوا ڏيڻ لاءِ متحرڪ نظر اچي رهي آهي ۽ ان جي ڪري ئي ٻيا ملڪ به جنگ ۾ ملوث ٿي ويندا. هن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ ۾ انهن سمورن ملڪن جي ماڻهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو جن جا رشتيدار فوت ٿي ويا آهن. هن پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪيو ته روس وچ اوڀر جي ان پراڻي مسئلي جي ٻه رياستي حل لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو، هي ڊگهي مدي واري امن لاءِ اهو ئي هڪ رستو آهي.ولاديمير پيوٽن ان ڳالهه کي ورجائيندي چيو ته اهو واضح آهي ته معصوم ماڻهن کي ٻين جي ڏوهن جو ذميوار بڻائي سگهجي ٿو نه وري سزا ڏئي سگهجي ٿي. دهشتگردي خلاف جنگ اجتماعي سزا جي بدنام زمانه تصور تحت وڙهي سگهجي ٿي، اجلاس ۾ مختلف مذهبن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.