اسلام آباد_18 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيک قومن ۾ انساني حقن جي سربراه وولڪر ترڪ چيو آهي ته غزه جي پٽي ۾ اسپتال تي حملو قبولڻ جوڳو نه آهي، هن چيو ته حملي جي ذميوارن جو حساب ٿيڻ گهرجي، جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وولڪر ترڪ متاثر ڪٽنبن سان همدردي جو اظهار ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته اهو حملو نه صرف انساني حقن جي خلاف آهي پر ان قسم جي حملن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي.