اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ پاڪستان جي پهرين فتح تي پاڪستاني قوم، فٽ بال جي شائقين ۽ فٽ بال ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اڄ راند ۽ فٽ بال جي فتح ٿي آهي، فٽ بال سڄي دنيا ۾ عوام جي راند آهي ۽ ان کي پاڪستان ۾ مقبوليت حاصل آهي. اڄ فٽ بال جي مئچ ۾ ڪاميابي تي سڀئي خوش آهن، پوري ڪوشش آهي ته راندين کي سياست کان پري رکون. جناح اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا جي وچ ۾ فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي لاءِ ڪواليفائر فٽ بال مئچ ۾ پاڪستان جي فتح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڪمبوڊيا ۽ پاڪستان جي ٽيمن شاندار راند پيش ڪئي جنهن تي ٻئي ٽيمون مبارڪباد جون مستحق آهن. هن چيو ته ٻنهي ٽيمن سائي ۽ اڇي رنگ جو لباس پائي پاڪستاني جهنڊي جي نمائندگي ڪئي. نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ جي فتح ڪنهن ملڪ يا ٽيم جي فتح نه آهي پر فٽ بال جي فتح آهي. هن چيو ته فٽ بال سان سندس تمام گهڻي رغبت رهي آهي، هي محنت ڪندڙن جي راند آهي جنهن تي وڌيڪ خرچ جي ضرورت ناهي هوندي. هن چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ فٽ بال کي اها اهميت نه ملي سگهي جيڪا پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ فٽ بال کي حاصل هئي. هن چيو ته بين الصوبائي رابطن واري وزارت فٽ بال مئچ جي لاءِ بهترين انتظام ڪيا. هن چيو ته راندين ۾ سياست هڪ خوفناڪ خواب رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته سياست کي راندين کان پوري رکيو وڃي. مون کي اميد آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون فٽ بال جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون. هن چيو ته اڄ راند کان اڳ ۽ راند کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جا رانديگر هڪ ٻئي سان مليا، اسان کي ان جذبي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسان اليڪشن جي تمام ويجهو آهيون ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي گرمي جي درجي کي هيٺ آندو وڃي ۽ جيڪو جذبو اڄ راند ۾ نظر آيو آهي اهو اسان جي سياست ۾ به منتقل ٿئي. هن چيو ته اسان کي تعميري جذبي سان هڪ ٻئي جي فتح جو جشن ملهائڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا جي ٽيمن جي وچ ۾ فٽ بال مئچ ڏٺي. هوم ليگ ۾ پاڪستان ڪمبوڊيا کي 1 – 0 سان شڪست ڏيندي فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ڪواليفائر جي ٻئي مرحلي جي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. مئچ جو واحد ۽ فيصلائتو گول هارون حميد 68 هين منٽ ۾ ڪيو. پاڪستان 12 سالن کانپوءِ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر جي ميزباني ڪئي آهي.