بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ڪينيا جي صدر وليم روٽو سان تعميري ملاقات ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ملاقات دوران اسان اقتصادي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏيندي پاڪستان ۽ ڪينيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ڪئي.