اسلام آباد -03 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي شهر هينگزو ۾ جاري 19هين ايشين گيمز ۾ ڪراٽي جا مقابلا (سڀاڻي) 05 آڪٽوبر کان شروع ٿيندا جنهن ۾ پاڪستان سميت ايشيائي ملڪن جا رانديگر حصو وٺي رهيا آهن. قومي ٽيم پنجن رانديگرن تي ٻڌل آهي، رانديگرن ۾ سعادي عباس، محمد اويس، همايون، صابره گل ۽ فخرالنسا شامل آهن. جڏهن ته آفيشلز ۾ محمد جهانگير، احمد صافي ۽ عندليب سنڌو شامل آهن. اهي مقابلا 08 آڪٽوبر تائين جاري رهندا، قومي ٽيم جا رانديگر ايشين گيمز ۾ شرڪت بعد 10 آڪٽوبر تي وطن واپس ايندا.