اسلام آباد -03 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي شهر هينگزو ۾ جاري 19هين ايشين گيمز ۾ ڪوڏي ڪوڏي جي مردن جا مقابلا (اڄ) اربع کان شروع ٿيندا. گروپ اي ۾ ڀارت، جاپان، بنگلاديش، ٿائيلينڊ ۽ تائيوان کي رکيو ويو آهي. گروپ بي ۾ ايران، پاڪستان، ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا جون ٽيمون شامل آهن. ڪوڏي ڪوڏي جي ايونٽ ۾ 04 آڪٽوبر تي ڀارت جو مقابلو ٿائلينڊ، تائيوان جو مقابلو بنگلاديش، ايران جو مقابلو ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا جو مقابلو پاڪستان سان رکيو ويو آهي. اهڙيءَ ريت 05 آڪٽوبر تي ٿائلينڊ جو مقابلو جاپان، ڀارت جو مقابلو تائيوان، بنگلاديش جو مقابلو ٿائيلينڊ ۽ جاپان جو مقابلو ڀارت سان ٿيندو. ايونٽ جو سيمي فائنل ۽ فائنل 06 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو.