اسلام آباد -03 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي شهر هينگزو ۾ جاري 19هين ايشين گيمز ۾ هاڪي جي ايونٽ جا سيمي فائنل مقابلا (اڄ) کان شروع ٿيندا جڏهن ته 06 آڪٽوبر تي ٽئين پوزيشن ۽ فائينل ميچ کيڏي ويندي. 19هين ايشين گيمز ۾ هاڪي جي مقابلن ۾ 12 ٽيمون شامل آهن. ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ پاڪستان سميت ڀارت، جاپان، بنگلاديش، سنگاپور ۽ ازبڪستان جون ٽيمون شامل آهن جڏهن ته گروپ بي ۾ ڪوريا ، ملائيشيا، چين، اومان، ٿائيلينڊ ۽ انڊونيشيا جون ٽيمون شامل آهن.