اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا تڪامل ۽ ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي وچ ۾ سروس ليول جي ترميمي معاهدي، ايريا اسٽڊيز سينٽر، يونيورسٽي آف پشاور ۽ ڪوروينس يونيورسٽي هنگري جي سينٽرل ايشيا ريسرچ سينٽر جي وچ ۾ معاهدي جي ياداشتن تي صحيحن، سمٽ بئنڪ لميٽيڊ جو نالو بئنڪ مڪرمه لميٽيڊ رکڻ، پاڪستان حڪومت ۽ ايڪواڊور حڪومت جي وچ ۾ معاهدي ۽ ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر جي نادرا چيئرمين طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي سفارش تي سعودي ايجنسي تڪامل ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي وچ ۾ سروس ليول ترميمي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته پيشيواراڻي تعليم ۽ فني تربيت جي پروگرامز کي عالمي مارڪيٽ جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته هنرمند ماڻهن جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي حوالي سان قدم کنيا وڃن. هن چيو ته افرادي قوت اسان جو سرمايو آهي، افرادي قوت کي موجوده گهرجن موجب هنر جي فراهمي جي حوالي سان جنگي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته فني تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي موجوده سمورن مرڪزن کي فعال ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا تعليم ۽ فني تربيت واري وفاقي وزارت جي سفارش تي ايريا اسٽڊيز، يونيورسٽي آف پشاور ۽ هنگري جي ڪوروينس يونيورسٽي جي سينٽرل ايشيا ريسرچ سينٽر جي وچ ۾ معاهدي جي ياداشتن تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ناڻي واري وفاقي وزارت جي سفارش تي سمٽ بئنڪ لميٽيڊ جو نالو بئنڪ مڪرمه لميٽيڊ رکڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. گهرو معاملن واري وفاقي وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا پاڪستان حڪومت ۽ ايڪواڊور حڪومت جي وچ ۾ معاهدي جي منظوري ڏني جنهن تحت ٻنهي ملڪن جي ڊپلوميٽڪ، آفيشل ۽ اسپيشل پاسپورٽ هولڊرز گڏيل طور تي ويزا کان آجاٰ هوندا. وفاقي ڪابينا نادرا چيئرمين جي لاءِ گهرو وزارت جي سمري تي ٽن تجويز ڪيل نالن مان ليفٽيننٽ جنرل منير افسر جي نادرا (نيشنل ڊيٽا بيس رجسٽريشن اٿارٽي) جي چيئرمين طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سليڪشن ڪميٽي نادرا جي چيئرمين جي لاءِ ٽن بهترين اميدوارن جا نالا شارٽ لسٽ ڪيا هئا. ڪابينا تفصيلي غور ويچار ڪرڻ کانپوءِ نادرا جي نئين چيئرمين جي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 6 سيپٽمبر 2023ع ۽ 19 سيپٽمبر 2023ع جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.