اسلام آباد -02 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي شهر هينگزو ۾ جاري 19هين ايشين گيمز ۾ ريسلنگ جا مقابلا (سڀاڻي) 4 آڪٽوبر کان شروع ٿيندا جنهن ۾ پاڪستان سميت ايشيائي ملڪن جا پهلوان حصو وٺي رهيا آهن. قومي ٽيم چئن رانديگرن تي مشتمل آهي، رانديگرن ۾ زمان انور، عنايت الله، محمد بلال ۽ حيدر علي بٽ شامل آهن. جڏهن ته آفيشلز ۾ محمد رياض ۽ غلام فريد شامل آهن. اهي مقابلا 7 آڪٽوبر تائين جاري رهندا، قومي ٽيم جا رانديگر ايشين گيمز ۾ شرڪت کان پوءِ 8 آڪٽوبر تي واپس ايندا.