اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي سموري دستياب ڪارروائي کي استعمال ۾ آڻڻ کانپوءِ عدالتن پاران قانوني طور تي چونڊن کان روڪيو وڃي ٿو ته اهو معاملو نگران حڪومت جي اختيار ۾ نه هوندو، پي ٽي آءِ جي خلاف ڪا سختي نه ڪئي ويندي جڏهن ته فسادن، ڀڃ ڊاهه، باهيون ڏيڻ ۽ ماڻهن کي تشدد تي اتساهڻ ۾ ملوث ماڻهن کي قانون موجب منهن ڏنو ويندو. پنهنجي لنڊن جي دوري دوران بي بي سي هارڊ ٽاڪ کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته عمران خان جي قسمت جو اڃا تائين حتمي فيصلو ناهي ٿيو. ان وٽ عدالتي حل موجود آهي ۽ جيڪڏهن سمورن آپشنز کي عدالتي طور تي استعمال ڪرڻ کانپوءِ امڪان آهي ته ان کي قانوني طور تي ان عمل کان روڪيو وڃي جيڪو نگران حڪومت جي اختيار کان ٻاهر آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف بابت به ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کي چونڊن کان روڪيو ويو ته اهو ايگزيڪيوٽو جي فيصلي جي ڪري نه هوندو ڇو ته اهو رڳو عدالتي فيصلن سان ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته نگران وزيراعظم هوندي هو عدالت جي فيصلن کي ڪالعدم نه ٿو ڪري سگهي. ڇا نواز شريف کي لنڊن مان واپسي تي گرفتار ڪيو ويندو، ان حوالي سان پڇيل سوال تي هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اهو معلوم ڪرڻو پوندو ته ڇا ان جي حفاظتي ضمانت آهي يا کيس ڪنهن ٻئي قانوني ڪارروائي جي سهولت دستياب آهي. بي بي سي اردو کي هڪ ٻئي انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم چيو ته نواز شريف جي معاملي ۾ قانون کي پنهنجو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ڇو ته هو عدالتي حڪم تي ٻاهرئين ملڪ ويو هو. جڏهن ته هن چيو ته مون کي نواز شريف جي گرفتاري تي ڪنهن ٻرندڙ رويي جي اميد نه آهي ڇو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت اشتعال انگيز سياست ڪرڻ بدران چونڊن ۾ حصو وٺڻ کي ترجيح ڏيندي. هن انٽرويو وٺندڙ کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ کي بطور سياسي پارٽي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان ناهي روڪيو ويو. جيڪڏهن ڪنهن شخص تي فسادن، ڀڃ ڊاهه، باهيون ڏيڻ ۽ ماڻهن کي تشدد تي اتساهڻ جو الزام هنيو وڃي ٿو ته ان رويي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جا قانون موجود آهن. بي بي سي اردو جي اهڙي طرح جي سوال تي هن يقين ڏياريو ته پي ٽي آءِ جي خلاف قطعي طور تي ڪا سختي نه ڪئي ويندي. جڏهن ته تشدد ۾ ملوث ٿيندڙن کي قانون موجب منهن ڏنو ويندو. اهڙن ماڻهن جو انگ 250 ملين جي آبادي مان رڳو 1500 – 2000 تائين ٿي سگهي ٿو. نگران وزيراعظم ملڪ کي موجوده مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته ايندڙ چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ٿينديون ۽ اسان شفاف چونڊن جا سمورا اشارا حاصل ڪري وٺنداسين. فوج جي خلاف عمران خان جي الزامن کي رد ڪندي هن چيو ته انهي فوج ان جي حڪومت دوران پي ٽي آءِ جي سربراهه سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ اهي شهرت جي لاءِ هائبرڊ انتظامن جو ڪريڊٽ وٺندا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90000 کان وڌيڪ حياتيون وڃايون آهن چو ته نيٽو ۽ آئي ايس ايف سميت سمورين ڌرين کي خطي مان نڪري وڃڻ کانپوءِ ملڪ کي پاڻ ئي ان بحران کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته پاڪستان جي فوج ۽ نيم فوجي دستا دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ شاندار ڪم ڪري رهيا آهن. نئين حملن جي چئلينج بابت هن چيو ته اهو انخلا کانپوءِ آمريڪا ۽ برطانيا پاران ڇڏيل اضافي سامان ۽ هٿيارن جي ڪري آهي. هن چيو ته 300000 افغان فوج جديد ترين اوزارن سان ليس هئي ۽ انخلا کانپوءِ اهي هٿيار ۽ سامان بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان ٽي ٽي پي سان پنهنجي سرزمين تي مقابلو ڪري رهيو آهي پر افغانستان ۾ انهن جون پناهگاهون به ان مسئلي جو جز آهن. پنهنجي حڪومت جي معاشي ترجيحن بابت نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هن ڪرنسي ۽ ذخيره اندوزي جي غيرقانوني واپار جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي. حڪومت اسٽيل ملز، پي آءِ اي ۽ پاور ڊسڪوز جهڙن سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي لاءِ پڻ قدم کڻندي. هن بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته 90 ڏينهن جي اندر چونڊون منعقد ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ آهي. جڏهن ته هن آئين جي آرٽيڪل 254 جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪو ڪجهه به مقرر مدي جي اندر نه ڪيو ويو اهو غيرآئيني يا غيرقانوني هجڻ جهڙو نه آهي.