بيجنگ_ 21 سيپٽمبر(اي پي پي) ايشين گيمز ۾ ويمن ڪرڪيٽ ايونٽ ۾ (اڄ) جمعي ۾ ٻه ڪوارٽر فائنل کيڏيا ويندا، ويمنز ڪرڪيٽ ايونٽ جو ٽيون ڪوارٽر فائنل ميچ سريلنڪا ۽ ٿائلينڊ جي ويمن ٽيمن و چ ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته ڇوٿين ۽ آخري ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ بنگلا ديش ۽ هانگ ڪانگ جي ٽيمن وڇ ۾ مقابلو ٿيندو، ڪوارٽر فائنل مرحلو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سيمي فائنل لائن اپ مڪمل ٿي ويندو، ايشين گيمز م ويمن ڪرڪيٽ ٽيمن جا ٻي سيمي فائنلز مقابلي 24 سيپٽمبر تي کيڏيا ويندا، ايشين گيمز م ويمن ڪرڪيٽ ايونٽ ۾ ٽئين پوزيشن لاءِ ميچ ۽ فائنل ميچ 25 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو، واضع رهي ته ايشين گيمز م ويمن ڪرڪيٽ ايونٽ جون سموريون ميچون پنگ فينگ ڪمپس ڪرڪيٽ فيلڊ ، هانگزو ۾ کيڏيون وينديون.