ڍاڪا_19 سيپٽمبر(اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن انٽرنيشنل ون ڊي ڪرڪيٽ تي مشتمل سيريز جي پهرين ميچ(اڄ) خميس تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ ڊي اينڊ نائٽ هوندي، نيوزيليند جي ٽيم اڄڪلهه بنگلاديش جي دوري تي آهي جٿي مهمان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي، جڏهن ته مهمان ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان اڳ ٻن ڏينهن جي پريڪٽس ميچ کيڏندي، بنگلاديش جي ٽيم کي لٽن داس ليڊ ڪندو جڏهن ته نيوزيلينڊ لوڪي فرگسن جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي، ، ٽن ميچن جي سيريز شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي ٽئي ميچون ڊي اينڊ نائٽ هوندي.