موهالي -20 سيپٽمبر (اي پي پي)ڀارت ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ (سڀاڻي) 22 سيپٽمبر تي پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن آ3 ايس بندر اسٽيڊيم موهالي ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي. آسٽريليا جي ٽيم هن وقت ڀارت جي دوري تي آهي ۽ مهمان ڪينگروز ٽيم پنهنجي ڀارتي دوري دوران ڀارت خلاف 3 ون ڊي ميچن جي سيريز، 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز به کيڏندي. ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ڀارتي ٽيم جي قيادت لوڪيش راهول ڪندو جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم جي اڳواڻي ٽيٽ ڪمنس ڪندو، ٻي ميچ 24 سيپٽمبر تي اندور ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 27 سيپٽمبر تي راجڪوٽ ۾ کيڏي ويندي.