نيو يارڪ _ 20 سيتمبر (اي پي پي ) ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته آمريڪا کي 2015 ع جي ايٽمي معاهدي جي بحالي لاءِ پنهنجي پڪي عزم ۽ اعتماد کي ثابت ڪرڻو پوندو . برطانوي خابرو اداري مطابق هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس سان خطاب دوران چيو ته آمريڪا ايٽمي معاهدي جي سي پي او تان هٿ کڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي . جيڪڏهن آمريڪا معاهدي جي بحالي چاهي ٿو ته ان کي پنهنجو ارادو پڪو ظاهر ڪرڻو پوندو .