اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۾ مقرر مراڪش جي سفير محمد ڪرمون کي ٽيليفون ڪيو ۽ مراڪش ۾ آيل خوفناڪ زلزلي سبب قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مراڪش جي عوام سان ايڪتا جو اظهار ڪندي چيو ته متاثر ڪٽنب جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ قوم هن ڏکئي وقت ۾ مراڪش جي زلزلي متاثر عوام سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته مراڪش جي عوام کي هن ڏک جي گهڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو کين صحت جي سهولتن سميت هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير تباهه ڪن زلزلي ۾ فوتين جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ ڌڻي در دعا پڻ ڪئي.