پيرس -06 سيپٽمبر(اي پي پي ) اسڪول تعليمي سال جي پهرين ڏينهن درجني ڇوڪرين کي عبايو لاهڻ کان انڪار ڪرڻ تي گهر موڪلي ڇڏيو آهي . عرب نشرياتي اداري موجب فرانس جي تعليم واري وزير جبريل اتل ميڊيا کي ٻڌايو ته سومر جي صبح 300 ڇوڪريون مسلم لباس تي پابندي جي مخالفت ڪندي عبايا پائي اسڪول آيون اسڪول انتظاميا جي زور تي گهڻي قدر ڇوڪرين لباس کي تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو پر 67 انڪارڪيو جنهن جي ڪري انهن کي واپس گهر موڪليو ويو آهي .