اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري آفيسرن کي معياري تربيت فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي مسئلن جي حل، تيز فيصلاسازي ۽ وسيلن جي موثر انتظام جهڙي ضروري مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن سٺي حڪمراني يقيني بڻائي سگهجي ۽ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته بيوروڪريسي کي ماڻهن جي ضرورتن جي لاءِ وڌيڪ ذميوار هجڻ گهرجي ۽ ملڪ کي مختلف شعبن خاص طور تي صحت، تعليم ۽ ڪميونٽي سروسز ۾ درپيش مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي (اين ايس پي پي) جي بورڊ آف گورنرز جي 23 هين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو، ريڪٽر اين ايس پي پي ڊاڪٽر اعجاز منير ۽ بورڊ آف گورنرز جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران صدر سرڪاري ملازمن کي تحقيق ۽ معياري تربيت ڏيڻ جي لاءِ مختلف قومي ۽ عالمي ادارن ۽ تعليمي ادارن سان گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اين ايس پي پي کي گهٽ مدي واري تربيتي ڪورسز جي فراهمي ۽ ان جي تربيتي ماڊيولز کي جديد رخن تي اپ ڊيٽ ڪرڻ تي غور ڪرڻ گهرجي ته جيئن بيوروڪريٽس کي جديد ترين مهارتن سان ليس ڪري سگهجي ۽ انهن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اين ايس پي پي ۽ ان جي ماتحت ادارن جي اندر شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ سان گڏوگڏ نااهلي ۽ بدانتظامي جي معاملن کي قاعدن موجب اڪلائڻ گهرجي. اجلاس کي بورد آف گورنرز جي 22 هين اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي، ان کانسواءِ اين ايس پي پي جي مختلف انتظامي ۽ مالياتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل ڊيولپمينٽ انٽرن شپ پروگرام (پاليسي) کي اختيار ڪيو ويو آهي ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي تعاون سان انٽرنيز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي عمل کي حتمي شڪل ڏني ويندي. اجلاس ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ پاليسي جي ڊين جي مقرري جي عمل کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.