اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ نفسياتي صحت بهتر بڻائڻ جي لاءِ مشاورت جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ چيٽ باٽس جي مدد سان نفسياتي صحت جون بنيادي سهولتون ماڻهن تائين پهچائي سگهجن ٿيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر ۽ صحت واري نگران وفاقي وزير قومي صحت جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر ان موقعي تي چيو ته بريسٽ ڪينسر، وڌندڙ آبادي ۽ نفسياتي صحت تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ۽ صحت واري نگران وفاقي وزير غذائيت، ٻارن جي ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، خصوصي ماڻهن جي بحالي جي لاءِ تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صحت واري نگران وفاقي وزير پوليو جي خاتمي لاءِ صدر پاران رهنمائي، خصوصي ڌيان کي ساراهيو. صدر صحت جي شعبي ۾ ڊاڪٽر نديم جان جي مجموعي خدمتن کي ساراهيو.