لاهور – 30 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سماءَ نيوز چينل جو دورو ڪيو. سماءَ جي ڊائريڪٽر نيوز حافظ طارق، بيورو چيف نعيم حنيف، سينيئر صحافي جاويد فاروقي ۽ عاصم نصير معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ڊائريڪٽر نيوز حافظ طارق وفاقي وزير کي آفيس جي مختلف شعبن جو دورو ڪرايو ۽ کيس چينل جي پاليسي ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سماءَ نيوز جي صحافتي خدمتن کي ساراهيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرنسپل انفارميشن آفيسر محمد عاصم کچي، ڊائريڪٽر جنرل پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ لاهور شفقت عباس، سينيئر اينڪر افتخار احمد، عائشه بخش ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.