ڪراچي – 30 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سمورن خطرن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي سامونڊي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا فراهم ڪرڻ جي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪ بحريه جي جنگي مشق شمشير بحر جي ڊي بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان بحريه جي نائين جنگي مشق شمشير بحر جي ڊي بريف ڪراچي ۾ منعقد ٿي. خاص مهمان نگران وزيراعظم جي اچڻ تي امير البحر ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم قومي دفاعي پاليسي موجب عسڪري حڪمت عملي جي توثيق جي لاءِ جنگي مشقن جي اهميت تي زور ڏنو. هن فورس ڪمانڊرز جي مشق جي سلسلي ۾ تجزيه کي ساراهيو جيڪو پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۽ سامونڊي دفاع کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. هن سي پيڪ ۽ گوادر پورٽ جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ۾ پاڪ بحريه جي وڌندڙ ذميوارين تي پڻ روشني وڌي. نگران وزيراعظم سمورن خطرن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ سامونڊي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا فراهم ڪرڻ جي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) جنگي مشق جا مقصد پيش ڪيا جيڪا ٽنهي هٿياربند فوجن، لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنز جي شرڪت ڪندڙن سان گڏ منعقد ڪئي وڃي ٿي. هن مشق دوران پرک ٿيندڙ ڪيترن ئي رخن ۽ پاڪ بحريه جي مقرري جي حڪمت عملي بابت سفارشن تي روشني وڌي. مشق جي ڊي بريف ۾ اعليٰ سطح جي سرڪاري عملدارن ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.