اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي جي هنر سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي سان واڳيل آهي، پاڪستان دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي فري لانس مارڪيٽ بڻجي چڪو آهي، مالياتي ڏيتي ليتي کي بهتر بڻائڻ سان ملڪي معيشت کي وڌيڪ هٿي ملي سگهي ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ ملڪ جي جي ڊي پي ۾ 2 کان 3 سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿو، نوجوانن کي آءِ ٽي جي تعليم ۽ فني مهارت طرف راغب ڪرڻ سان گڏوگڏ شاگردن کي مصنوعي ذهانت سان ليس ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ هواوي آءِ سي ٽي مقابلن 23 – 2022ع جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف، هواوي جي مڊل ايسٽ ريجن جي صدر وانگ شون لي، سفارتڪارن، تعليمي ماهرن ۽ آءِ ٽي جي شعبي سان واڳيل نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته يونيورسٽين کي گريجوئيٽس جي تربيت ۽ انهن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب تيار ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪئمپسز ۾ انهن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ تربيتي ڪئمپن جو اهتمام ڪرڻ گهرجي. هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي شاگردن جي لاءِ ٻه سالا انڊر گريجوئيٽ ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام شروع ڪن ڇو ته سڄي دنيا ۾ وڌندڙ ٽيڪنالاجي کي ڊگرين جي نه پر مهارتن جي طلب آهي. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو وقت جي اهم گهرج بڻجي چڪو آهي، دنيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ فوري فيصلاسازي جي ضرورت آهي، سياستدانن ۽ بيوروڪريسي کي آءِ ٽي جي جديد گهرجن سان هم آهنگ ٿيڻو پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جا وسيع امڪان موجود آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي هاڻي هر شعبي جي لاءِ لازمي آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ هر شعبي کي آءِ ٽي سان ڳنڍڻو پوندو. هن چيو ته دنيا ۾ آءِ ٽي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر سيڪيورٽي ماهرن کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ عورتن جي لاءِ پڻ موقعا پيدا ڪيا وڃن. صدر چيو ته اسان کي نوجوانن کي ڊيجيٽل اسڪلز ڏيڻ ۽ عورتن کي معاشي طور تي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ لازمي آهن. صدر ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي صنعت جي ترقي ۽ نوجوانن کي تربيت يافته بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي ڪمپني هواوي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر تقريب ۾ شرڪت کي پنهنجي لاءِ اعزاز جوڳو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ٽيم هواوي مقابلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جنهن تي اها مبارڪباد جي مستحق آهي. صدر چيو ته پاڪستان جا شاگرد باصلاحيت آهن، هواوي سميت ٻيون وڏيون آءِ ٽي ڪمپنيون شاگردن جي صلاحيت کي نکارڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هواوي پاڪستان ۾ گلوبل سروس سينٽر قائم ڪيو آهي جيڪو هڪ اهم قدم آهي، پاڪستان کي پنهنجي نوجوان آبادي مان فائدو کڻندي انهن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏئي هنرمند بڻائڻ گهرجي ۽ ملڪ کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻو پوندو، وزيراعظم ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام مان 22 لک نوجوانن فائدو کنيو جن مان هڪ وڏو انگ هاڻي پاڻ روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسان آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جي رفتار وڌائڻ جي لاءِ خواهشمند آهيون، ان مقصد جي لاءِ يونيورسٽين ۾ ورچوئل شاگردن جو انگ وڌايو وڃي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جديد گهرجن موجب ٽيڪنالاجي جي تعليم سان نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جا نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن جن کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هواوي ۽ ٻيون ڪمپنيون پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان آبادي جي لحاظ کان پنجون وڏو ملڪ آهي، نوجوان آبادي کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت يافته بڻائي پاڪستان ڀرپور فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته ڏکڻ ۽ اوڀر ايشيا هاڻي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو مرڪز بڻجي رهيو آهي ۽ پاڪستان کي خطي ۾ اڀرندڙ طاقت سمجهيو وڃي ٿو. تقريب کي پبلڪ افيئرز اينڊ ڪميونيڪشن هواوي ٽيڪنالاجيز مڊل ايسٽ اينڊ سينٽرل ايشيا جي صدر وانگ شون لي خطاب ڪندي چيو ته هواوي آءِ سي ٽي مقابلي ۾ سڄي دنيا مان وڏي انگ ۾ شاگردن شرڪت ڪئي جن مان پاڪستاني شاگرد مقابلي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته انهن مقابلن ۾ سڄي دنيا جي 2 هزار کان وڌيڪ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي هڪ لک 20 هزار شاگردن شرڪت ڪئي. پاڪستان جي شاگردن چين ۾ هواوي هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيندڙ گلوبل فائنل ۾ نيٽ ورڪ ٽريڪ ۾ ٻيو ۽ ٽيون انعام ۽ انوويشن ٽريڪ ۾ ٽيون انعام پنهنجي نالي ڪيو آهي. 2019ع کانپوءِ منعقد پهرين باقاعده ايونٽ جي پڄاڻي واري مرحلي ۾ 36 ملڪن جي 146 ٽيمن جي فائنلسٽ جي وچ ۾ مقابلو ٿيو. ان کان اڳ صدر تقريب ۾ هواوي مقابلن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پاڪستاني شاگردن ۾ شيلڊز ورهايون.