اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي ڏورانهن علائقن ۾ عورتن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد تشخيص جي لاءِ رضاڪاراڻي طور تي پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ آگاهي مهم کي فروغ ڏيڻ ۾ ميڊيا جي تعاون کي ساراهيو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن خاص طور تي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي بريسٽ ڪينسر جي علامتن، پاڻ جاچ، سُڃاڻپ ۽ علاج جي اختيارن بابت حساس بڻائڻ جي لاءِ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي مسلسل عوامي آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي سُڃاڻپ ۽ علاج بابت مناسب آگاهي جي کوٽ آهي جنهن جي ڪري گهڻ رخي رڪاوٽون آهن، تنهن هوندي به هاڻي عورتون تمام وڌيڪ پراعتماد آهن ۽ شروعاتي مرحلن ۾ ڊاڪٽرن سان رجوع ڪن ٿيون. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڳوٺاڻي علائقن ۾ دستياب صحت جي سهولتن تائين عورتن جي پهچ ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ سماجي، نفسياتي ۽ ثقافتي عملن تي پڻ وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ عورتون آگاهي مهمن ۾ بنيادي هدف هجڻ گهرجن، انهن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ جو وڌيڪ خطرو هوندو آهي ڇو ته اهي آگاهي جي کوٽ جي ڪري علامتن کي نظرانداز ڪن ٿيون جيڪي بيماري جي ڦهلاءُ جو سبب بڻجن ٿيون ۽ مهلڪ ثابت ٿي سگهن ٿيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ذهني صحت بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ذهني صحت جي پروفيشنلز جي انگ ۾ اضافي ۽ صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن انهن کي ذهني صحت جي خرابين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تربيت ڏئي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ دستياب نفسياتي ماهرن جو مجموعي انگ 500 کان 600 جي وچ ۾ آهي جيڪو اطمينان جوڳو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ڊپريشن جهڙن نفسياتي مسئلن ۾ مبتلا ماڻهن کي علاج جي مقصدن جي لاءِ لاڳاپيل ڊاڪٽرن ۽ گروپن جي مشاورتي خدمتون فراهم ڪرڻ جو قدم شروع ڪيو آهي. هن ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل خانداني نظام کي اختيار ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن خبردار ڪيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جو استعمال ملڪ جي نوجوان آبادي ۾ ڊپريشن، اضطراب ۽ ٻين مسئلن جو اهم سبب آهي. خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ آگاهي مهم بابت ڳالهه ڪندي هن چيو ته حڪومت جو ويزن معاشري ۾ ڪمزور ماڻهن جي حالتن کي بهتر بڻائڻ تي آهي. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي گڏجي ان جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.