واشنگٽن-25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت جڙانوالا سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستاني ڪميونٽي جڙانوالا سانحي جي جي زخمن تي مرهم رکڻ ۾ مدد ڪري. هن آمريڪي رياست جارجيا جي گاديءَ واري هنڌ اٽلانٽا جي مسيحي اڳواڻن سان ورچوئل اجلاس دوران چيو ته جڙانوالا ۾ 16 آگسٽ تي ٿيل واقعو اسان جي معاشري ۽ اسان جي مذهبي تعليم جي ابتڙ آهي. مذهب اسلام انسانيت جي لاءِ امن جو درس ڏئي ٿو. هي اجلاس پاڪستاني آمريڪن فريڊز آف اٽلانٽا ٽيم طرفان منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ گلوريا جوزف، شارون فرحت، سولو مون لوڪ، جوناٿن ميسي، فليويا ڀردواج، ڊيوڊ سيسل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پاڪستان سفير چيو ته اسان جو معاشرو هڪ جامع معاشرو آهي ۽ رهندو. جڙانوالا سانحي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، 16 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان لاءِ ڪارو ڏينهن هو، جڏهن اسان جي معصوم ماڻهن کي تڪليف پهچائي وئي. چرچز ساڙيا ويا. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان جي قيادت، سول سوسائٽي ۽ سڀني مذهبي جماعتن جي سربراهن ان واقعي جي مذمت ڪئي آهي. پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستاني هڪ معاشري طور گڏ رهن ٿا ۽ مسيحي برادريءَ طرفان پاڪستان جي سماجي اقتصادي ترقيءَ لاءِ تعاون اسان لاءِ فخر جوڳو آهي. هن پاڪ آمريڪن ڪميونٽيءَ کان مطالبو ڪيو ته جڙانوالا سانحي جي متاثرن جي ان مشڪل وقت ۾ زخمن تي مرهم رکڻ ۾ مدد ڪن. پاڪستاني سفير جڙانوالا جي متاثرن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. هن انتهاپسندي جي لهر سان ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪميونٽي اڳواڻن سان ڳالهين ۽ رابطي جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.