اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هِن سال جي حج دوران پاڪستاني حاجين جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته سعودي عرب پاڪستاني حج ۽ عمري زائرين سان خصوصي سلوڪ جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي. هو سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري وزير، گهرو، سعودي سول ايوي ايشن اٿارٽي، مواصلات، سياحت سميت ٻين ميمبرن سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪري رهيو هو. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪئي ۽ سعودي عرب سان ٻطرفي مثبت لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان سدائين سعودي عرب جو اعتماد جوڳو حصيدار رهندو. وزيراعظم هلندڙ حج سيزن دوران سڄي دنيا مان حاجين خاص طور تي پاڪستاني حاجين جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سعودي عرب پاڪستاني حج ۽ عمري زائرين جي لاءِ خصوصي سلوڪ جاري رکندو. وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) تحت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۾ سنجيده دلچسپي وٺڻ تي سعودي عرب جا ٿورا پڻ مڃيا. واضح رهي ته سعودي عرب جي ڪنهن حج ۽ عمري واري وزير جو پاڪستان هي پهريون دورو آهي. سعودي وزير سندس ۽ سندس وفد جي ميمبرن جي شاندار مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته سعودي عرب پاڪستاني حاجين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندو. هن چيو ته وفد مذهبي دورن کانسواءِ پاڪستان ۾ سعودي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي پڻ ڪوشش ڪندو.