فيصل آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عيسيٰ نگري چرچ جڙانوالا جو دورو ڪيو ۽ چرچ جي بحالي ۽ تعمير ۽ مرمت جي جائزي سميت مسيحي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته مسيحي برادري پاڪستان جي چهري جو حسن آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته غالب اڪثريت جا نظريا مختلف آهن پر اسان ان اختلاف کي بنياد بڻائي ڪنهن جي عبادتگاهن يا ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت هرگز نه ڏينداسين. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به اقليت جي خلاف حملو ٿيندو ته توهان اسان کي ۽ رياست کي مظلوم سان گڏ بيٺل ڏسندا، ظالم سان گڏ نه. هن چيو ته اسان گڏجي قائد جي قول موجب پاڪستان جي شڪل مڪمل ڪرڻي آهي. هن چيو ته قرآن جي حسين اعجازات ۾ هڪ نالو حضرت مريم جو آهي جنهن کي مڃڻ اسان جي لاءِ فرض آهي، ڇا ان جا مڃيندڙ پاڻ ۾ ڳنڍجي سگهن ٿا. هن چيو ته هو يقين ڏياري ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن به اقليت ڀلي عيسائي هجي، سک هجي، پارسي يا هندو مذهب سان تعلق رکندڙ قومون، ڪنهن جي خلاف به حملو ٿيندو ته رياست سدائين مظلوم سان گڏ بيٺل هوندي. هن متاثر چرچز جي فوري بحالي جي لاءِ پڻ ضروري هدايتون ڪيون. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي، انساني حقن وارو نگران وفاقي وزير خليل جارج، پنجاب جو گورنر محمد بليغ الرحمان، پنجاب جو نگران وڏو وزير سيد محسن نقوي، پنجاب جو اطلاعات وارو نگران وزير عامر مير، چيف سيڪريٽري پنجاب زاهد اختر زمان، آءِ جي پوليس ڊاڪٽر عثمان انور، ڪمشنر فيصل آباد سلوت سعيد، آر پي او ڊاڪٽر عابد خان، ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.