رياض-21 آگسٽ (اي پي پي)سعودي عرب جي پاسپورٽ کاتي هڪ مهيني دوران اقامي، ملازمت ۽ سرحدي امن جي قانون جي ڀڃڪڙي تي 16500 سعودي واسين ۽ مملڪت ۾ ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. سعودي عرب جي اخبار مطابق پاسپورٽ کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اقامي ۽ ملازمت جي قانونن جي ڀڃڪڙي تي قيد، ڏنڊ ۽ بي دخل ڪرڻ جون سزائون مقرر آهن. پاسپورٽ کاتي مقامي شهرين ۽ مملڪت ۾ ترسيل پرڏيهين کي چيو آهي ته اهي قانون ٽوڙڻ جي مرتڪب ماڻهن کي سفر، روزگار، رهائش، پناهه يا ڪنهن به قسم جو سهڪار فراهم ڪرڻ کان پاسو ڪن.