اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اسپتال پهچي مير سرفراز چاڪر ڊومڪي جي طبيعت پڇي. وزيراعظم آَفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب نگران وزيراعظم اڳوڻي بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر مير سرفراز چاڪر جي طبيعت پڇي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.