اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان نوابزاده جمال رئيساڻي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ ٻيون شخصيتون پڻ موجود هيون. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.