اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)مشهور ليکڪ، شاعر ۽ صحافي مدد علي سنڌي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون. تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت جي عملدارن نئين مقرر ٿيل نگران وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. تعليم واري وزارت مان جاري بيان موجب نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جو عهديدارن سان باقاعده تعارف ڪرايو ويو جنهن جي قيادت تعليم واري وفاقي سيڪريٽري وسيم اجمل چوڌري ڪئي. نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت جي اهم ڪمن ۽ ذميوارين بابت هڪ جامع بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير چيو ته تعليمي شعبي جي ڏکيائين کي سمجهي حل ڪرڻ چاهيان ٿو، هن عهدي کي خلق خدمت سمجهي ان جو حق ادا ڪندس. ارادو آهي ته مختصر عرصي ۾ به تعليمي شعبي ۾ بهتري آندي وڃي. هن چيو ته اسان جي پوري ڪوشش هجڻ گهرجي ته ان ٿوري وقت ۾ به ترقي جا بنياد رکون. تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي قوم جي خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. تعليم واري سيڪريٽري وسيم اجمل چوڌري چيو ته پوري وزارت جي ڪمٽمينٽ آهي ته وفاقي وزير جي هدايتن ۽ ويزن تي پورو لهنداسين. هن چيو ته چارج سنڀالڻ کانپوءِ نگران وفاقي وزير پاڻ سان تعليم جي ميدان ۾ علم ۽ تجربي جو خزانو کڻي آيو آهي.