اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. حلف برداري کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ نگران وزيراعظم کي هٿياربند فوج جي دستي سلامي ڏني. نگران وزيراعظم گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. گارڊ آف آرنر جي تقريب وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ ٿي، پروقار تقريب ۾ قومي ترانو وڄايو ويو.