اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف ايندڙ مهيني پاڪستان ايندو ۽ قانون کي منهن ڏيندو، قوم ان جو ڀرپور استقبال ڪندي، نااهلي جو مدو 5 سال ڪرڻ جو قانون موجود آهي، قانونسازي مقننه جو اختيار آهي، سپريم ڪورٽ جو ڪم قانونسازي نه آهي پر ان جي تشريح آهي، آرمي چيف جي مقرري جي لاءِ 6 نالن جي سمري ۾ موجوده آرمي چيف جو نالو پهرين نمبر تي هو، 9 مئي جو واقعو رياست، فوج ۽ سپهه سالار جي خلاف بغاوت هئي، اسان پنهنجي سياست قربان ڪري رياست کي بچايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 16 مهينا اڳ ملڪ جون حالتون ڏسي اسان چئلينج سمجهي اقتدار سنڀاليو، اسان پنهنجي سياست نه پر رياست جو فڪر ڪيو ڇو ته رياست جي لاءِ سياست جي قرباني ڪا وڏي شيءَ نه آهي، الله جي فضل سان اسان رياست کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو، جيڪڏهن رياست بچي وئي ته اسان جي سياست به بچي ويندي، سٺو وقت ايندو، نواز شريف ۽ ٻين ساٿين جو اهو شعوري فيصلو هو. هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ ناڻي واڌ ساڍا ٽي سيڪڙو کان 12 سيڪڙو تائين پهتي، اسان جي دور ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهاٽي واڌي ٿيندي رهي، اهو اسان جي اختيار ۾ نه آهي، عمران خان جي دور ۾ ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي ۽ اسان کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئي، عمران خان ڪڻڪ ۽ کنڊ اڳ ۾ برآمد ڪئي پوءِ درآمد ڪئي جنهن سان اربين ڊالر جو نقصان ٿيو، 2 ارب ڊالر ڪڻڪ جي درآمد تي اسان جي دور ۾ لڳا، روس – يوڪرين جنگ جي ڪري کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ٿيو، آءِ ايم ايف سان معاهدو به اسان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج هو، گڏيل ڪوششن سان اسان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو، مهانگائي ۾ اضافو ٿيو پر اسان اربين رپين جو مفت اٽو رمضان ۾ ورهايو، 200 يونٽ تائين جي صارف لاءِ بجلي جي قيمت ۾ اضافو نه ٿيو، 63 سيڪڙو تي بجلي جي اگهه وڌڻ جو ڪو بار نه پيو، رڳو اشرافيه جي بلز ۾ اضافو ٿيو، عمران نيازي معيشت تباهه ڪئي. هن چيو ته 9 مئي جا واقعا بغاوت هئي، اهو ڪارو ڏينهن هو، ان ۾ ملوث ماڻهن جا ڪيس هلي رهيا آهن، نئين آرمي چيف جي مقرري جي لاءِ سمري ۾ موجوده آرمي چيف جو نالو 6 نالن ۾ سرفهرست هو، دنيا ۾ اهي مقرريون معمول آهن پر هتي ان کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته آرمي چيف جي مدي ۾ ٽن سالن جي توسيع جي فيصلي ۾ تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي به شامل هئي، اسان شعوري طور تي ان ترميم جي حمايت ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارليامينٽ کي قانون سازي جو مڪمل اختيار حاصل آهي، سپريم ڪورٽ جو ڪم قانون ٺاهڻ نه آهي پر ان جي تشريح آهي، نئين قانون موجب نااهلي جو مدو 5 سال آهي، نواز شريف تي ڪا پابندي نه آهي، نواز شريف قانون کي منهن ڏيندو، اميد آهي ته ايندڙ مهيني نواز شريف پاڪستان ايندو، قوم ان جو ڀرپور استقبال ڪندي. هن چيو ته سائفر جي حوالي سان عمران خان هڪ ڪوڙ ڳالهايو، پوءِ ان تان ڦري ويو ۽ چيو ته آمريڪا سازش ناهي ڪئي، پوءِ چيو ته سائفر مون کان گم ٿي ويو، جيڪڏهن اهو سائفر گم ٿي ويو ته ان جي حوالي سان خبر ڪيئن ڇپجي وئي، اسد مجيد نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ سڀني جي سامهون چيو ته حڪومت ڪيرائڻ جي ڪا سازش نه ٿي، ڊونلڊ لو سان جيڪا ڳالهه ٿي اها مون سائفر ۾ لکي، اسان جو سفير اتي اهم ملاقاتن جا تفصيل اهڙي طرح موڪليندو آهي، ان سائفر ۾ ڪٿي اهو ناهي لکيل ته ڪا آمريڪي سازش هئي، جيڪا زبان ان ۾ استعمال ڪئي وئي ان تي حڪومت آمريڪي سفير کي طلب ڪيو ته سفارتي حدن کي اورانگهيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف جي ڌيءَ گرفتار ڪئي وئي، منهنجي ڌيئرن کي نيب طلب ڪيو ويو، آصف زرداري جي ڀيڻ کي چنڊ رات تي گرفتار ڪيو ويو، اهو سڀ ڪجهه نيب پاڻ نه ڪري رهي هئي پر اهو نيب نيازي ڳٺ جوڙ هو، عمران خان جي گرفتاري يا ايف آءِ اي پاران طلب ڪرڻ ۾ منهنجو ڪو عمل دخل نه آهي، اسان ڏينهن رات پيشيون ڀوڳيندا رهياسين، اسان جون ڌيئرون ڀينرون پيشيون ڀوڳينديون رهيون، نواز شريف پنهنجي ڌيءَ سان گڏ 100 ڏينهن پيش ٿيندو رهيو، عمران نيازي کي عدالتون گهرائينديون رهيون پر هن انڪار ڪيو، اسان کي ڪيترائي سال ضمانتون نه ملنديون هيون، ٻٽي معيار کي سمجهڻ گهرجي، بي آر ٽي پشاور، مالم جبه، ڪڻڪ ۽ کنڊ جي اسڪيلنڊز تي منع ناما مليا ته جاچ نه ڪئي وڃي، عمران خان جي نااهلي يا قيد جو فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي، قانون پنهنجو اختيار پاڻ ٺاهيندو، حڪومت جو ان ۾ ڪو عمل دخل نه آهي.