سکر – 09 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ عام چونڊن ۾ قوم مينڊيٽ ڏنو ته سڄي پاڪستان ۾ مستحق خاندانن کي پڪا گهر ٺاهڻ جي لاءِ بنا وياج قرض ۽ رهائشي زمين جا مالڪاڻا حق ڏينداسين، اڳوڻي سليڪيٽيڊ وزيراعظم هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ٺاهڻ ڏيڻ جو ڪوڙو واعدو ڪري قوم کي دوکو ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهوٽڪي اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ تحت سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ تعمير ٿيندڙ 20 لک گهرن جي سلسلي ۾ گهوٽڪي ضلعي ۾ 82 هزار 746 گهرن جي تعمير جي شروعات ۽ متاثرين کي رهائشي زمين جا مالڪاڻا حق ڏيڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومتن سدائين اهڙا انقلابي پروگرام متعارف ڪرايا آهن، جيڪي غربت جو مقابلو ڪن ٿا. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، يونين ڪائونسل سطح تي عورتن کي ڪاروبار جي لاءِ بنا وياج قرض ڏيڻ جو پروگرام ۽ هاڻي ٻوڏ متاثر خاندانن کي گهرن جي تعمير ۾ مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي ان گهر جي زمين جا مالڪاڻا حق ڏيڻ اهڙا ئي قدم آهن. هن چيو ته اسان رڳو ٻوڏ جو مقابلو نه ڪري رهيا آهيون، پر متاثرين جي گهرن جي تعمير جي ذريعي اسان غربت جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين جي گهرن جي نئين سر تعمير پروگرام بابت ڳالهائيندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل سال ٻوڏ کانپوءِ جنهن به علائقي جي دوري تي ويس، ته هر ڪنهن جو هڪ ئي مطالبو هو ته ان کي ان جو گهر ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته 10 مهينن جي گهٽ مدي جي اندر مون ٻوڏ متاثرين جي گهر ٺاهڻ جي پروگرام جو منصوبو ٺاهيو، عالمي سطح تي انهن گهرن جي لاءِ فنڊنگ جو بندوبست ڪيو ۽ ان پروگرام تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو، جنهن تحت اڄ سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي 20 لک گهرن جي تعمير جو ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو آهي. هن نشاندهي ڪندي چيو ته مون کان اڳ هڪ بزرگ وزيراعظم هو، جنهن پنهنجي چونڊ مهم ۾ عوام کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ٺاهڻ جو واعدو ڪيو هو، ان کي 4 سال مليا پر هڪ گهر به نه ٺاهيو. اسان کي ڪجهه مهينا مليا ۽ اهو ڪم شروع به ٿي چڪو آهي. ڪجهه گهر ٺهي چڪا آهن، ٻيا ٺهي رهيا آهن ۽ باقي به ٺهي ويندا. هن نشاندهي ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس وبا هجي يا گذريل سال جي ٻوڏ، سنڌ حڪومت ٻين حڪومتن جي مقابلي ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. پيپلزپارٽي چيئرمين گهوٽڪي ۾ آءِ بي اي سکر جي ڪئمپس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي سنڌ جي وڏي وزير تي زور ڏنو ته هو ان منصوبي کي موجوده صوبائي حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ئي عملي جامعو پارائي. هن چيو ته ملڪ کي هن وقت به معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، مهانگائي ۽ بيروزگاري به عروج تي آهي، پر اسان سڀ گڏجي جدوجهد ڪنداسين. ان موقعي تي سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گهوٽڪي مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن سردار محمد بخش مهر ۽ سردار خالد احمد لنڊ، صوبائي وزير شرجيل انعام ميڻ، ناصر حسين شاهه، عبدالباري پتافي، ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ مڪيش ڪمار چاولا، ايم پي اي سهيل انور سيال، ضلعي چيئرمين بنگل خان مهر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.