اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا مالياتي تبديلين جي موثر اثرن کان بچاءُ ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نيشنل ايڊاپٽيشن پلان ”قومي موافقت پلان 2023ع“، احتساب عدالتن جي نئين سر تنظيم سازي، قومي هنگر پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪندي سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ترميمي بل جي مسودي، صارفين جي ڊيٽا جي تحفظ ۽ انفارميشن سسٽم جي غيرقانوني استعمال کي روڪڻ جي لاءِ اي سيفٽي بل جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سڌوسنئون ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ٺوس پاليسي تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، آذربائيجان سان ايل اين جي معاهدي توانائي جي تحفظ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سڌوسنئون ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ٺوس پاليسي تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، ان پاليسي جو مقصد ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان منصوبن کي تيز رفتاري سان عملي جامعو پارائڻ آهي. وزيراعظم پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي آذربائيجان سان ايل اين جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ڪامياب ڪوششن تي ان کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اهو معاهدو نه رڳو آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي رخ ۾ هڪ اهم قدم پر پاڪستان جي توانائي سلامتي جي لاءِ به هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وفاقي ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سفارش تي صارفين جي ڊيٽا جي تحفظ ۽ انفارميشن سسٽم جي ناجائز ۽ غيرقانوني استعمال کي روڪڻ جي لاءِ اي سيفٽي بل 2023ع جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. پاڪستان ۾ سڀني قسمن جي آن لائين سروسز، آن لائين خريداري، مختلف ڪمپنين کي ڏني ويندڙ دستاويزن ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي صارفين جي ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ ۽ انهن جي بنا اجازت جي استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان قانون تحت هڪ جامع فريم ورڪ ٺاهيو ويندو. بل جي منظوري کانپوءِ آن لائين هراسمينٽ، سائبر بلنگ، بليڪ ميلنگ جهڙن ڪڌن ڏوهن کي موثر طريقي سان روڪي سگهبو. وفاقي ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سفارش تي پرنسپل ڊيٽا پروٽيڪشن بل 2023ع جي به اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل تحت حڪومت مختلف ادارن ۽ ڪمپنين، صارف جي ذاتي دستاويزن/ ڊيٽا جي حفاظت يقيني بڻائيندي ۽ انهن جي اجازت کانسواءِ ڪنهن به ڪمپني، شخص يا حڪومتي اداري کي صارف جي اجازت کانسواءِ ان جا دستاويز، ڊيٽا ڏيڻ تي پابندي هڻندي. قانون تحت صارفين جي نجي ڊاڪيومينٽس/ ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ نيشنل ڪميشن فار پرنسپل ڊيٽا پروٽيڪشن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، جيڪو هڪ ديواني عدالت جي حيثيت رکندڙ هوندو. وفاقي ڪابينا پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ سيڙپڪاري بورڊ آرڊيننس 2001ع جي ترميمي بل جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان ترميم تحت خصوصي سيڙپڪاري، سهولت، ڪائونسل کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ ان جي بنيادي ڍانچي، ڪم جي طريقيڪار ۽ مختلف وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن سان تعاون جي طريقيڪار کي به وضع ڪندو. قانون جي منظوري کانپوءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهندي. وفاقي ڪابينا منشيات جي خاتمي واري وزارت جي سفارش تي قومي ڀنگ پاليسي جي نقطن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ هڪ وزارتي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. اها ڪميٽي پنهنجي سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي احتساب عدالتن جي نئين سر تنظيم سازي جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تحت 11 احتساب عدالتن کي، 7 بئنڪنگ ڪورٽس، ٻن کي انٽيليڪچوئل ٽربيونل، هڪ کي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل ۽ هڪ کي اسپيشل ڪورٽ بلوچستان ۾ تبديل ڪيو ويندو. ان نئين سر تنظيم سازي تي ڪي به اضافي خرچ نه ايندا. وفاقي ڪابينا سوئي ناردرن گئس پائيپ لائين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ريگيوليٽري اٿارٽي جي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سفارش تي قومي ايڊاپٽيشن پلان 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. پلان تحت حڪومت ٻين حصيدارن سان گڏجي موسمياتي خطرن جي ور چڙهيل ڪميونٽيز کي موسمياتي تبديلين جي خراب اثرن کان بچائڻ جي لاءِ اهڙا قدم کڻندي جن سان نه رڳو خطرن جي اڳواٽ اطلاع پر ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ جنگلي حيات ۽ قدرتي اثاثن تحت تحفظ ايڪٽ 2023ع کي ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ۾ موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالا وجهڻ ۽ ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڌيڪ ڪابينا ان ڳالهه جي به منظوري ڏني ته جيڪڏهن پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۽ ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالن جي شموليت جو سبب هڪ ئي هجي ته ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان نالو ڪڍڻ سان گڏوگڏ پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان به نالو ڪڍيو وڃي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 24 جولاءِ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 6، 21، 7 ۽ 25 جولاءِ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي 10 جولاءِ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق به ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا بين الحڪومتي تعاون بابت ڪابينا ڪميٽي جي 10 جولاءِ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي.