رياض -19 جون (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پيرس ۾ سومر ڏينهن سرڪاري استقباليه ۾ شرڪت ڪئي. سعودي خابرو اداري مطابق ايڪسپو ۾ 179 ملڪن جا نمائنده شرڪت ڪري رهيا آهن. 20 جون (اڄ) پيرس ۾ بيورو انٽرنيشنل ڊيس ايسڪپوزيشنز وڪي جنرل اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو. تقريب جو مقصد ايڪسپو جي ميزباني جي حوالي سان رياض جي تيارين، اسڪيمن ۽ منصوبن جو تعارف ڪرائڻ آهي. آجياڻي جو اهتمام رياض رائل اٿارٽي طرفان ڪيو ويو آهي جنهن جو سربراهه شهزاده محمد بن سلمان آهي. تقريب ۾ اعليٰ سطح جو سعودي وفد، شاهي خاندان جون شخصيتون، وزير ۽ سعودي عرب ۽ فرانس جا اعليٰ عهديدار، تنظيم جي آفيس جا ميمبر، يونيسڪو سميت سمورن عالمي تنظيمن جا نمائنده ۽ فرانس ۾ موجود سفارتي مشنز جا نمائنده شرڪت ڪندا.