اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) پنج ملڪي انٽرنيشنل باسڪٽ بال چيمپيئن شپ جا سيمي فائنل مقابلا (اڄ) اڱاري تي مالديپ جي شهر مالي ۾ کيڏيا ويندا جڏهن ته فائنل ميچ 22 جون تي کيڏي ويندي. ايونٽ ۾ پنج ملڪن جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جن ۾ پاڪستان، مالديپ، ڀوٽان، نيپال ۽ بنگلاديش جون ٽيمون شامل آهن.