گووا – 05 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان کي سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ دهشتگردي کي هٿيار بڻائڻ ۾ نه ڦاسڻ گهرجي، آئون اُن ماءُ جو پٽ آهيان جيڪا دهشتگردن هٿان ماري وئي، آئون ان نقصان جو درد محسوس ڪريان ٿو، پاڪستان ان لعنت جي خاتمي لاءِ علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جو حصو بڻجڻ جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو بنيادي سبب ۽ مخصوص گروهن پاران خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس ۽ گڏيل موقف جي ضرورت آهي، اسان کي ان چئلينج ۾ الڳ الڳ ٿيڻ بدران متحد ٿي ان جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪيترن ئي ملڪن کي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اڪثر کي هڪ جهڙن دهشتگرد گروهن پاران دهشتگردي درپيش آهي، پاڪستان گڏيل اعتماد، برابري، ثقافتي واڌويجهه جي احترام ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي اصل روح ۾ موجود گڏيل ترقي حاصل ڪرڻ جي اصولن تي پڪو يقين رکي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار ڀارت جي شهر گوا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر ايس جي شنڪر، ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته ايس سي او جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، گڏيل اقتصادي ويزن اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل رابطي ۾ سيڙپڪاري ضروري آهي، سي پيڪ وچ ايشيائي رياستن کي لنگهه واپار جي لاءِ بهترين موقعا فراهم ڪري ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن جو حصو بڻجڻ جي لاءِ پرعزم آهي، افغانستان جي صورتحال نئين چئلينجز سان گڏوگڏ موقعا به پيش ڪري ٿي. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ان مطالبي کي ورجايو ته عالمي برادري عبوري افغان حڪومت سان بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ڪري ته جيئن اهي واقعن کي بهتر طريقي سان سمجهي سگهن. هن چيو ته افغانستان وڏين طاقتن جي لاءِ جنگ جو ميدان بڻجندو رهيو آهي، اسان کي افغانستان بابت ماضي جي غلطين کي نه ورجائڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري کي افغان عملدارن تي سياسي شموليت جي عالمي طور تي قبول ٿيل اصولن کي اختيار ڪرڻ ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حق سميت سمورن افغانين جي حقن جو احترام ڪرڻ تي زور ڏيڻ جاري رکڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ عالمي برادري کي پڻ افغانستان، خطي ۽ پوري دنيا جي سلامتي جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته عالمي برادري جي ابتڙ افغانستان ۾ دهشتگرد گروپ پاڻ ۾ وڌيڪ تعاون ڪري رهيا آهن، پاڪستان عبوري افغان عملدارن کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي دهشتگردي جي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال جي اجازت نه ڏيڻ جي پنهنجي واعدن کي برقرار رکن. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها انهن سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري ته جيئن نه رڳو افغانستان پر پوري خطي جي حقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻي سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو علائقائي انضمام ۽ اقتصادي تعاون پر عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ اهم آهي، اسان کي يقين آهي ته ايس سي او افغانستان رابطا گروپ افغانستان سان عملي تعاون کي ٺوس بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايس سي او جو قيام پوري يوريشيا ۾ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪيو ويو هو، هي تنظيم خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ماڻهن جي خودمختياري جي حق جي گڏيل قومن جي اصولن تي سختي سان عمل پيرا آهي. هن چيو ته پاڪستان گهڻ رخي عمل جي لاءِ پرعزم آهي ۽ هو قومن جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ پراڻي عالمي تڪرارن جي پرامن حل جي حمايت جي لاٰءِ گڏيل قومن سميت سمورن عالمي فورمن تي قائداڻو ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ اختلافن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ چين جي تازي ڪردار کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ٻئي ملڪ ايس سي او سان به واڳيل آهن. هن چيو ته جڏهن وڏيون طاقتون امن ساز جو ڪردار ادا ڪن ٿيون ته اسان پنهنجي ماڻهن جي لاءِ وسيع تر تعاون، علائقائي يڪجهتي ۽ اقتصادي موقعن جي راهه هموار ڪندي امن جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته اسان کي شنگهائي تعاون تنظيم ۾ انهن عالمي طور تي مڃيل اصولن جي احترام کي يقيني بڻائڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪندي رياستن جا هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن جي خلاف آهن، اسان کي پنهنجي واعدن کي نڀائڻ ۽ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ هڪ نئين مستقبل جي منصوبابندي ڪرڻ ۾ غيرمبهم رهڻ جي ضرورت آهي، جيڪي تڪرارن جي تحفظ تي نه پر تڪرارن جي حل تي ٻڌل آهن. بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) تحت علائقائي ملڪن پاران گڏيل طور تي گڏيل مسئلن خاص طور تي ماحولياتي تبديلين، غربت ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ورڇ ٿيل ردعمل بدران اسان جي گڏيل چئلينجن جو حل گڏيل ڪارروائي هجڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم کي هڪ اهم علائقائي پليٽ فارم سمجهي ٿو جنهن ۾ اهي ملڪ شامل آهن جيڪي پراڻي تاريخي، ثقافتي، تهذيبي ۽ جاگرافيائي رشتن ۾ ٻڌل آهن. هن علائقائي اقتصادي رابطن ۽ تعاون جي پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير موسمياتي بحران کي انسانيت جي لاءِ هڪ خطرو قرار ڏيندي موسمياتي تبديلي تي شنگهائي تعاون تنظيم ۾ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني. هن چيو ته پاڪستان کي تازو ئي وڏي موسمياتي تباهي کي منهن ڏيڻو پيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پوري دنيا کي رڳو ان صورت ۾ موسمياتي تبديلين جي تباهين کان بچائي سگهجي ٿو جڏهن عالمي برادري متحد ٿي ڪم ڪندي. هن ترقي يافته دنيا کي موسمياتي فنانس جي لاءِ ساليانو 100 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جي عزم تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ڪنيڪٽيويٽي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان هن سال سيپٽمبر ۾ ٽرانسپورٽ تي ڪانفرنس جي ميزباني جو منتظر آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه علائقائي رابطن جي لاءِ هڪ طاقت جو اضافو ٿي سگهي ٿو، روٽ سي پيڪ سمورن ملڪن کي سفر کي وڌيڪ اڳتي وٺي وڃڻ ۽ مڪمل علائقائي اقتصادي انضمام طرف ڳنڍڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. هن ايران کي مبارڪباد ڏني جيڪو جلد ئي ايس سي او جو ميمبر بڻجي ويندو. هن بحرين، ڪويت، مالديپ، ميانمار ۽ گڏيل عرب امارات جي ايس سي او جي نئين ڊائيلاگ پارٽنرز طور آجيان ڪئي. هن چيو ته خطو اڃا به غربت ۾ ورتل آهي، پاڪستان کي عالمي سطح تي ناليواري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي فخر آهي جنهن عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ غربت جي خاتمي جي خاموش انقلاب جي شروعات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان پاران تجويز ڪيل غربت جي خاتمي تي خصوصي ورڪنگ گروپ جو قيام ان رخ ۾ هڪ قدم هوندو. پرڏيهي وزير خطي جي گڏيل سلامتي کي گڏيل ذميواري قرار ڏيندي چيو ته دهشتگردي سان عالمي سلامتي کي خطرا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اچو سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ دهشتگردي کي هٿيار بڻائڻ ۾ نه ڦاسون. هن شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي اهو ياد ڏياريو ته هو ان پٽ طور ڳالهه ڪري رهيو آهي جنهن جي ماءُ دهشتگردن جي هٿان مارجي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته آئون ان نقصان جو درد محسوس ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ان لعنت جي خاتمي لاءِ علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جو حصو بڻجڻ جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو بنيادي سبب ۽ مخصوص گروهن پاران خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس ۽ گڏيل موقف جي ضرورت آهي، اسان کي ان چئلينج ۾ الڳ الڳ ٿيڻ بدران متحد ٿي ان جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، اسان جي ڪاميابي جي گهرج آهي ته اسان ان مسئلي کي جيو پوليٽيڪل پارٽيشن شپ کان جدا ڪري ڇڏيون. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪيترن ئي ملڪن کي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اڪثر کي هڪ جهڙن دهشتگرد گروهن پاران دهشتگردي درپيش آهي. هن رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪندي چيو ته ايس سي او کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن امن ۽ سلامتي کي وڌندڙ خطرن کي موثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي. هن ايس سي او جي هدفن ۽ مقصدن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت ۽ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ايس سي او دنيا جي 40 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي ۽ جي ڊي پي جي اٽڪل هڪ چوٿائي جي نمائندگي ڪري ٿو، معيشتن ۾ رابطي جي گهٽتائي علائقائي واپار ۽ سيڙپڪاري جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. هن چيو ته ايس سي او مستقبل جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪڏهن اسان ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهون، اهو اسان سڀني جي لاءِ شاندار ۽ خوشحال مستقبل ٿي سگهي ٿو.