اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي ۾ چين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ هڪ وڏي انساني بحران ۽ معاشي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، او آءِ سي کي افغانستان ۾ امن جي لاءِ واضح رستو تيار ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغان عبوري حڪومت کي انساني حق خاص طور تي عورتن جي حقن جي مڪمل احترام، سياسي شموليت کي فروغ ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ داعش، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻين دهشتگرد گروهن جي دهشتگردي جي خطري کي ختم ڪرڻ جي واعدن کي پورو ڪرڻ جي ترغيب ڏئي سگهجي، اسلامي دنيا جا تڪرار اسان جي اتحاد ۽ يڪجهتي کي ختم ڪن ٿا، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي هوا ڏين ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن موريطانيه ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي 49 هين اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چوندي چيو ته دنيا کي سيڪيورٽي سميت ٻيا چئلينجز درپيش آهن، فلسطين مسئلي جو حل او آءِ سي جو گڏيل هدف آهي، اسلامي ملڪن کي اسلامو فوبيا جي خلاف آواز اٿارڻو پوندو، والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جو آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير تڪرار جو حل اسلامي ملڪن جو گڏيل هدف آهي، والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئرمين جي حيثيت سان اسلامي ملڪن ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جو خواهشمند آهي، افغانستان جي مسئلن جي حل لاءِ اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو غيرمعمولي اجلاس گهرايو ويو، افغانستان ۾ امن پاڪستان سميت پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پاڪستان جي معيشت شديد متاثر ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسلامو فوبيا جي ڪري مسلمانن کي امتيازي سلوڪ درپيش آهي، اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن جي حوالي سان گڏيل قومن جا ٿورائتا آهيون، دنيا کي هن وقت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، غيرملڪي قبضي ۽ طاقت جو استعمال، عالمي سطح تي هٿيارن جي ڊوڙ، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ نفرت کانسواءِ اسلامو فوبيا ۽ نسل پرستي، وڌندڙ غربت ۽ ماحولياتي مسئلن سان دنيا کي خطرا لاحق آهن. هن چيو ته اسان کي مسلمان امت جي مجموعي مفادن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي ڀرپور سفارتي ڪوششن جي نتيجي ۾ گذريل سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي. هن والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل جي ظالماڻي قدمن جي مذمت ڪندي چيو ته فلسطين اسان جو گڏيل ڪاز آهي، آو آءِ سي جو قيام مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي کانپوءِ عمل ۾ آندو ويو هو، او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي اسرائيلي ظلمن ۽ مسجد اقصيٰ جي مسلسل بي حرمتي جي واقعن جي مذمت ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن جي خودمختياري جي حق جي حمايت ڪرڻ گهرجي، انهن جي 1967ع جي سرحدن سان گڏ پنهنجي آزاد رياست هجڻ گهرجي جنهن جي گادي وارو شهر والاريل بيت المقدس هجي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي فورم ۾ ماهرن جي هڪ خصوصي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن عالمي ماليات، واپار ۽ ٽيڪس جي قانونن ۽ ڍانچي ۾ برابر سلوڪ کي يقيني بڻائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان کي ڪوويڊ جي منفي اثرن، ناڻي واڌ، افغانستان ۾ اقتصادي تباهي ۽ يوڪرين جنگ جي نتيجن کي منهن ڏيڻ کانپوءِ گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان شديد نقصان پهتو. هن ڀائر اسلامي ملڪن جا مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي فراخدلاڻي حمايت تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجي منظور ڪيل قراردادن ۾ چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ريفرنڊم جي ذريعي خودمختياري جو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي جڏهن ته ڀارت ان ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي ۽ هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين پائماليون ڪري رهيو آهي ۽ هو انهن قراردادن تي عملدرآمد ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم جي ٽن سالن کانپوءِ اهو واضح آهي ته ان جي نئين آبادياتي توسيع جي مهم ناڪام ٿي چڪي آهي، ڪشميري عوام پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته ڪشمير ۽ پاڪستان جاگرافيائي، عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن ۽ پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته او آءِ سي ڄمون ۽ ڪشمير بابت رابطا گروپ ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ ان جي خصوصي ايلچي ڪشميري عوام جي منصفاڻي مقصد کي پيش ڪرڻ ۽ ان جي وڪالت ڪرڻ ۾ اڻٿڪ تعاون ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته او آءِ سي رابطا گروپ پنهنجي اجلاس ۾ ڪشمير جي منصفاڻي مقصد جي لاءِ هڪ موثر حڪمت عملي اختيار ڪندو. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي. افغانستان بابت پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ هڪ وڏي انساني بحران ۽ معاشي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ۽ او آءِ سي کي افغانستان ۾ امن جي لاءِ واضح رستو تيار ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغان عبوري حڪومت کي انساني حق خاص طور تي عورتن جي حقن جي مڪمل احترام، سياسي شموليت کي فروغ ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ داعش، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻين دهشتگرد گروهن جي دهشتگردي جي خطري کي ختم ڪرڻ جي واعدن کي پورو ڪرڻ جي ترغيب ڏئي سگهجي. پرڏيهي وزير اسلامي دنيا ۾ تڪرارن کي حل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته اهي تڪرار اسان جي اتحاد ۽ يڪجهتي کي ختم ڪن ٿا، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي هوا ڏين ٿا ۽ اسان جو ڌيان ترقي تان هٽائين ٿا. هن چيو ته هي يمن، شام، عراق ۽ ليبيا ۾ امن جي بحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وقت آهي، ان مقصد جي لاءِ او آءِ سي کي ڳالهين جي ذريعي مسئلن جي حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي مڪينزم کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان هن سال جون ۾ او آءِ سي جي 18 هين واپاري ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو ۽ هو هلندڙ سال جي آخر ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي او آءِ سي جي وزارتي ڪانفرنس جي ميزباني جو پڻ منتظر آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي مالي طور تي ڪمزور 60 ملڪن جي لاءِ قرضن جي جلد ري اسٽرڪچرنگ، اسرندڙ ملڪن ۾ غيراستعمال ٿيل خصوصي ڊرائنگ رائٽس جي ٻيهر ورڇ، گهڻ رخي ترقياتي بئنڪن جي ذريعي وڏن قرضن ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سيڙپڪاري کانسواءِ 100 ارب ڊالر جي ڪلائميٽ فنانسنگ جي واعدي کي فعال ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.