اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي درپيش چئلينجن مان ڪڍڻ جي لاءِ سموري سياسي قيادت کي گڏجي ويهڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي نظام کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ ان کي آخري ڌڪو ڏنو پيو وڃي، مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙي طرح جون خراب حالتون ناهن ڏٺيون، عدالتن جي حڪمن ۽ قانونن جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن، ادارن جي بي توقيري ڪئي پئي وڃي ۽ گهيراءُ، جلاءُ جي تحريڪ کي هوا ڏني پئي وڃي، آءِ ايم ايف جا سمورا سخت شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن، اسٽاف ليول معاهدي ۾ دير جو سبب سياسي عدم استحڪام، گوڙ گهمسان جو ڪردار آهي، ليڊر عوامي ۽ قومي مفاد جي لاءِ هر شيءَ قربان ڪندو آهي، جيڪڏهن ڪو ليڊر پاڪستان کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي ان جي اجازت نه ڏينداسين، هڪ مصلحت تحت ملڪ جا معاملا خراب ٿي نه وڃن احتياط جو دامن نه پيو ڇڏيو وڃي، ملڪي حالتون خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين، اڄ 75 سال گذرڻ کانپوءِ اسان آءِ ايم ايف جي پروگرام ۽ قرض تي دهل وڄايون ٿا، اهڙي طرح ته آئون ڪنڌ کڻي نه ٿو هلي سگهان. سينيٽ آف پاڪستان جي 50 سالا گولڊن جوبلي تقريبن جي ٻئي ڏينهن ڪميٽي آف دي هول کي خطاب ڪندي هن چيو ته سينيٽ آف پاڪستان جي 50 سالا گولڊن جوبلي کي شان سان ۽ سادگي سان ملهائڻ جي لاءِ هي سيشن منعقد ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين، ٽيم ۽ سمورن سينيٽرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، هي ڪم سرانجام ڏئي هڪ قومي خدمت ڪئي آهي، اها ڳالهه هڪ ڀيرو ٻيهر 1973ع جي آئين طرف وڃي ٿي جڏهن پهريون ڀيرو پاڪستان جي چئني صوبن کي برابر جا حق ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي آئين جي خالق ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سڄي ملڪ جي ليڊرشپ اهو تاريخي ڪم سرانجام ڏنو ۽ اڄ 50 سال گذري ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سينيٽ ۾ قانونسازي، زندگي جي سمورن شعبن تي وڏي جفاڪشي، محنت ۽ سنجيدگي سان ان 50 سالن ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ ڪمشنرز کي هتي دعوت ڏني وئي، اسان انهن سڀني جا ٿورائتا آهيون، انهن هتي وڏي ساراهه جوڳيون تقريرون ڪيون، اسان پاڪستان جي گذريل سال ٻوڏ دوران انهن جي قابل قدر امداد تي انهن جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستان هن وقت مشڪل چئلينجن مان گذري رهيو آهي، ان کي امپورٽيڊ ناڻي واڌ درپيش آهي جيڪو يوڪرين جنگ جو نتيجو آهي جنهن جي ڪري کاڌي پيتي جي شين، تيل، گئس، ڀاڻ جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي، پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪ ان صورتحال جو بدترين شڪار آهن. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته ان وقت اسان جي معيشت کي وڏا بحران درپيش هئا، بدقسمتي سان گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون، معاهدو ڪيو پر اسان انهن شرطن جو پاس نه رکيو، ان سان نه رڳو آءِ ايم ايف پر ٻين عالمي ادارن ۾ پاڪستان جي ساک ۽ اعتماد کي نقصان پهتو. وزيراعظم چيو ته انهن حالتن ۾ اسان هڪ آئيني طريقيڪار اختيار ڪندي حڪومت سنڀالي، ان وقت اسان کي ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش هيون جن ۾ ٻه وڏيون مشڪلاتون درپيش هيون جن ۾ هڪ گذريل حڪومت پاران فنڊز جو بيدردي سان استعمال هو، انهن خزاني ۾ ڪي فنڊز نه ڇڏيا، نوٽ ڇاپيندا ويا ۽ بجيٽ کانسواءِ بي شمار سبسڊيز ڏيندا رهيا جڏهن ته ٻي مشڪل وڏي پئماني تي ذميوارين جي حوالي سان هئي، اتحادي حڪومت فيصلو ڪيو ته اسان کي پاڪستان جي رياست جو تحفظ ڪرڻو آهي، ان حوالي سان اسان ڪفايت شعاري سميت ڪيترائي ٺوس قدم کنيا، جيئن ته انهن قدمن سان پاڪستان جي عام ماڻهو جي لاءِ مشڪل صورتحال بڻي پر اسان اهڙن فيصلن کي اختيار ڪرڻ ۾ ڪنهن هٻڪ کان ڪم نه ورتو جنهن تي اسان جي اتحادي حڪومت ۽ ان ۾ شريڪ پارٽين جي سربراهن واضح طور تي اهو موقف اختيار ڪيو ته اسان رياست کي بچائڻ جي لاءِ سياست کي قربان ڪيو. وزيراعظم چيو ته جيئن ته اسان هن وقت مشڪل حالتن مان گذري رهيا آهيون پر جيڪڏهن توهان پنهنجي مشن سان مخلص هجو ته انهن مشڪل حالتن مان به نڪرنداسين. وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ منهنجي ٻي ٽيم اڻٿڪ ڪم ڪري رهيا آهن، شيري رحمان گذريل سال ٻوڏ دوران ڏينهن رات ڪم ڪيو، هن ڪلائميٽ ريزيليئنٽ جي حوالي سان پاڪستان جو هڪ بيانيو ڏنو. وزيراعظم چيو ته اسان ڪي فرشتا نه آهيون، اسان کان به خطائون ٿين ٿيون پر اسان پنهنجي غلطين مان سکون ٿا، جيڪو شخص پنهنجي غلطي کي تسليم ڪري وٺي اهو وڏو انسان هوندو آهي، ماضي ۾ شديد اختلافن جي باوجود پاڪستان جي عظيم تر مفاد جي لاءِ سياسي قيادت گڏجي ويٺي هئي، انهن ۾ شايد انفرادي طور تي ڪجهه هڪ ٻئي سان ڳالهه ڪرڻ لاءِ به راضي نه هئا پر پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا موقعا آيا جڏهن سياسي قيادت ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڏاها گڏجي ويٺا ۽ وڏن وڏن بحرانن تي ڳالهه ٻولهه ۽ انهن جا حل ڪڍيا، 1965ع جي جنگ ۾ پوري قوم هڪ زنجير ۾ ڳنڍيل هئي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ سڀ هڪ هئا، ان وقت ملڪ جي دفاع لاءِ هٿياربند فوج جي جوانن جي جهڙي طرح پذيرائي ٿي رهي هئي اها ساراهه جوڳي هئي. وزيراعظم چيو ته 1971ع جي جنگ کانپوءِ جڏهن وزيراعظم شملا روانو ٿيو ته پوري ملڪ جا ڏاها ۽ قيادت کيس الوداع چوڻ لاءِ لاهور ايئرپورٽ تي موجود هئي ته هو وڃي پاڪستان جو ڪيس وڙهي، 2014ع ۾ جڏهن دهشتگردي سان پوري قوم پريشان هئي ۽ دهشتگردي هر طرف پکڙيل هئي ان دهشتگردي جي خلاف هن قوم بي پناهه قربانيون ڏنيون، ان وقت وزيراعظم محمد نواز شريف ايپيڪس ڪميٽي منعقد ڪئي ۽ اتي هڪ ڇت هيٺ سڀ گڏ ٿيا ۽ 2016ع ۾ پشاور سانحي جو واقعو ٿيو جنهن سڄي دنيا جي درد دل رکندڙ ماڻهن کي ڏکائي ڇڏيو، ان کانپوءِ سياسي ۽ ديني پارٽين جا سربراهه هڪ ڇت هيٺ ويٺا، انهن سمورن واقعن جو ذڪر ان لاءِ ضروري آهي ته زندهه قومون ڪهڙي طرح چئلينجن کي منهن ڏين ٿيون ۽ گڏيل ذهانت ۽ ڳالهه ٻولهه سان پنهنجي مسئلن جو حل ڳولين ٿيون، اهڙي طرح 2020ع ۾ ڪورونا جي ڪري پاڪستان ايندڙ اڏامن تي پابندي لڳي ته آخري ايندڙ اڏام ۾ پاڪستان آيس، ان تي طرح طرح جون ڳالهيون ڪيون ويون، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ان دوران ڪورونا تي هڪ اجلاس منعقد ڪيو، اهو ڪم وزيراعظم جو هو پر اناءَ ۽ تڪبر ان جي اڳيان اچي ويو ۽ پاڪستان جي خراب صورتحال ۽ ڪوويڊ کان متاثر ڪروڙين ماڻهن جو خيال نه رکيو ويو، اپوزيشن مشورو ڪري ان اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو، اسان پنهنجي اناءَ کي پنهنجي پيرن جي زنجير بڻجڻ نه ڏنو ڇو ته پاڪستان جي عوام جو ڪيس ۽ مفاد اسان کي عزيز هو، اهو اجلاس زوم تي ٿي رهيو هو، ان وقت جي وزيراعظم پنهنجي ڳالهه ڪئي، ان کانپوءِ مون کي ڳالهه ڪرڻي هئي ته مون اسپيڪر کان قائد ايوان جي موجودگي جي حوالي سان پڇيو ته هن ٻڌايو ته کيس ضروري ڪم پئجي ويو آهي، هو هليو ويو آهي، ان وقت ڪوويڊ سان پوري دنيا متاثر هئي، لکين ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي رهيا هئا، ان اجلاس کان وڌيڪ ضروري ڪهڙو ڪم هو، ان کي اناپرستي چوندا آهن، قومي مفاد کي پنهنجي ذاتي مفاد ۽ اناءَ جي لاءِ قربان ڪرڻ انهي کي چوندا آهن، ان کانپوءِ فيبروري 2019ع ۾ ڀارت جي جهازن پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪئي، ان دوران قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي ان وقت جي وزيراعظم ۽ آرمي چيف پاران بريفنگ ڏيڻي هئي، اسان ڏيڍ ڪلاڪ انتظار ڪندا رهياسين، اهو هڪ قومي مسئلو هو ڪنهن جي ذات جو مسئلو نه هو، اهو پاڪستان جي دفاع ۽ سلامتي ۽ 22 ڪروڙ عوام جي ناموس جو معاملو هو ان لاءِ اسان گڏ ٿيا هئاسين، ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ جنرل (ر) باجوه اسان کي بريفنگ ڏني پر وزيراعظم ان بحراني صورتحال ۾ به اسان سان گڏ نه ويٺو، قوم جو ليڊر اناپرست ناهي هوندو، ان ۾ تڪبر، ڪاوڙ ناهي هوندي پر هو محبت ورهائيندو آهي، سڀني سان گڏجي مسئلن جو حل ڪڍندو آهي، محبت، ڀائيچاري، ٻڌي ۽ پاڪستانيت جو پيغام ڏيندو آهي، اڄ سياستدان گار بڻجي چڪو آهي، اڄ پاڪستان جي نظام کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ ان کي آخري ڌڪو ڏنو پيو وڃي، مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙي طرح جون خراب حالتون ناهن ڏٺيون، عدالتن جي حڪمن ۽ قانونن جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن، ادارن جي بي توقيري ڪئي پئي وڃي ۽ گهيراءُ، جلاءُ جي تحريڪ کي هوا ڏني پئي وڃي، اهڙين حالتن ۾ گولڊن جوبلي تقريبن تي سينيٽ چيئرمين کي تحسين آهي، پاڪستان جون موجوده حالتون هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن اجائي ۽ هٿ ٺوڪيي الزامن جي ڏوهه ۾ اسان جي ساٿين کي جيلن ۾ گهليو پئي ويو ته ڪنهن ان وقت قانون هٿ ۾ نه کنيو، قانون جي بي توقيري نه ڪئي، هڪ فاشسٽ طريقي سان آرڊيننس جي ذريعي نيب قانون تبديل ڪري رٽائرڊ ججن جي ذريعي مخالفن کي سزائون ڏيڻ جو طريقو اختيار ڪيو ويو ته سڄي مخالف سياسي قيادت جيلن ۾ هوندي. وزيراعظم چيو ته ان سان گڏ اهو قانون ٺاهيو ويو ته جتي ڪابينا جي مشاورت ٿيندي اتي نيب هٿ نه وجهي سگهندو ڇو ته ان جو مقصد پنهنجي ساٿين کي بچائڻ هو جيڪي ڪرپشن ۾ ملوث هئا، ڪرپشن جي پهاڙن کي سپريم ڪورٽ جا منع ناما ڏياريا ويا، ان صورتحال جو ڪِيتو اڄ پوري قوم ڀوڳي رهي آهي، 11 مهينن دوران جي حڪومت ۾ اهڙا راز سامهون آيا جن کي قومي مفاد جي لاءِ انهن تان پردو نه ٿا کڻي سگهون. هن چيو ته قومون ان وقت تائين پنهنجي پيرن تي بيهي نه ٿيون سگهن جيستائين اهي قربانيون نه ڏين، ڏينهن رات محنت نه ڪن، معاشي نظام کي درست ڪرڻ جي لاءِ سياسي استحڪام لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته اتحادي حڪومت جيتريون ڪوششون ڪري رهي آهي ان جو فيصلو مورخ ۽ عوام ڪندا، اسان جي ٽيم ملڪ کي انهن مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪري رهي آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ۾ اسان انهن جا سمورا سخت شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اسٽاف ليول معاهدي جي اميد آهي، ان جي باوجود اڃا تائين ان ۾ ٿيندڙ دير ۾ سياسي عدم استحڪام، گوڙ گهمسان جو ڪردار به آهي، آءِ ايم ايف جيئن ته ان حوالي سان ڪا ڳالهه ناهي ڪئي تنهن هوندي به اهي سڀ ڏسي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ليڊر عوامي ۽ قومي مفاد جي لاءِ هر شيءَ قربان ڪندو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ عدليه، قانون، آءِ ايم ايف معاهدي سميت هر شيءَ کي پيرن هيٺان لتاڙيو ويو، اسان جي حڪومت کي امپورٽيڊ حڪومت چيو ويو ته ان جي پٺيان آمريڪا آهي، پوءِ هڪ بيانيو ٺاهيو ويو ۽ پوءِ يوٽرن جي بادشاهه ان تان به يوٽرن ورتو ته ان جي پٺيان آمريڪا نه آهي. وزيراعظم چيو ته اها هڪ تڪليف ڏيندڙ ڪهاڻي آهي، هن ايوان آڏو حقيقتون کولي رکڻ اسان جي ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ڪو ليڊر پاڪستان کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي ان جي اجازت نه ڏينداسين، هڪ مصلحت تحت ملڪ جا معاملا خراب ٿي نه وڃن احتياط جو دامن نه پيو ڇڏيو وڃي جڏهن ته قومي ۽ عوامي مفاد کي داءُ تي لڳڻ نه ڏينداسين، اسان ملڪي حالتون خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين، اسان پاڪستان جي عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجو سڄو مال قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام جلد ٿي ويندو جڏهن ته اهو سلسلو ڪيستائين هلندو، اڄ تائين پاڪستان جي تاريخ ۾ 25 آءِ ايم ايف پروگرام آيا جن مان ڪجهه مڪمل ٿيا، ڪجهه اڌورا رهيا، اڄ 75 سال گذرڻ کانپوءِ اسان آءِ ايم ايف جي پروگرام ۽ قرض تي دهل وڄايون ٿا، اهڙي طرح ته آئون ڪنڌ کڻي نه ٿو هلي سگهان، اسان سڀني کي گڏجي ويهي فيصلا ڪرڻا پوندا، معاشي سڌارن، معاشي ايجنڊا، ڪفايت شعاري سميت ٻين اهم ترين قدمن ۽ معاملن تي پوري سياسي قيادت کي پنهنجا سياسي اختلاف هڪ طرف ڪري گڏجي ويهي فيصلا ڪري ان تي عمل ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته قومي اسيمبلي ۾ 2018ع کانپوءِ پنهنجي پهرين تقرير ۾ ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪئي ۽ ان جو مذاق اڏايو ويو ان کي ٺڪرايو ويو، اسان کي چور ۽ ڌاڙيل سڏيو ويو جڏهن ته اڃا به وقت آهي ته اسان هوش کان ڪم وٺون ۽ گڏجي ويهي هن عظيم پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍون، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ 23 مارچ پاڪستان ڏهاڙو اچي رهيو آهي، جنهن ڏينهن لکين هندستاني قائداعظم جي قيادت ۾ اقبال پارڪ ۾ گڏ ٿيا ۽ قرارداد منظور ڪئي. وزيراعظم چيو ته اهي قومون افق تي اڀرنديون آهن جن جي اندر تڙپ ۽ جذبو هجي ۽ سموريون مشڪلاتون برداشت ڪن، چين 1949ع ۾ آزادي حاصل ڪئي، ڏکڻ ڪوريا سميت ٻيا ملڪ اسان کانپوءِ آزاد ٿيا ۽ اسان کان اڳتي نڪري ويا. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر دعوت ڏني ته اچو سڀ گڏجي ويهي پاڪستان کي درپيش چئلينجن مان ڪڍون، سازشن بدران ڪوششن جو رستو اختيار ڪريون، خرابي پيدا ڪرڻ بدران ان کي ختم ڪريون، نفرت ۽ زهر پکيڙڻ بدران محبت ورهايون ۽ قوم جي ڏک ۽ درد کي ورهايون، غربت، بيروزگاري، بيماري ختم ڪريون، جيڪڏهن اسان عملي قدم نه کنيا ته بهتري نه اچي سگهندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان وڏي قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آهي، اهو ضرور پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو ۽ هي 22 ڪروڙ قوم افق تي نمودار ٿيندي ۽ پاڪستان جو سبز هلالي جهنڊو عالمي دنيا ۾ فخر سان بلند ٿيندو، ان لاءِ مسلسل محنت ۽ قرباني جو رستو آهي ان کانسواءِ ڪو رستو نه آهي.