اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪجهه سياسي پارٽين جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ خاص طور تي سنڌ ۾ اربين رپيا خرچ ڪري نئين آدمشماري ڪرائي پئي وڃي، ڪا به سياسي پارٽي چونڊن کان انڪار نه ٿي ڪري سگهي، پارٽي صدر هجڻ جي ناطي اڳ ۾ ئي پارٽي وارن کي چيو هو ته اهي چونڊ وڙهڻ جي لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جي لاءِ درخواستون جمع ڪرائين، جنهن جي لاءِ اميدوارن جا انٽرويو پڻ ڪري رهيو هُئس. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان اسٽاف ليول جو معاهدو ڪجهه ڏينهن ۾ طئي ٿي ويندو، حڪومت آءِ ايم ايف جي سخت شرطن کي به قبول ڪري ورتو آهي، عام ماڻهو جي تڪليفن کي سمجهندي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ريليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، يوڪرين جي جنگ جي ڪري درآمدي ناڻي واڌ ڀاڻ ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافي ۽ تازي ٻوڏ قومي معيشت کي متاثر ڪيو، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا پاران حڪومت جي تبديلي بابت ”شرمناڪ“ ڪوڙ پڻ غيريقيني صورتحال پيدا ڪئي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽيليويزن چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ان عمل کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ سندس اقتصادي ٽيم سان گڏوگڏ ٻين قومي ادارن پاران گڏيل ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن پنهنجي حڪومت جي هڪ سالا ڪارڪردگي، معاشي صورتحال، چونڊن، توشه خانه رڪارڊ، پارٽي معاملن سان گڏوگڏ نيوز اينڪر ارشد شريف جي قتل جي جاچ سميت ڪيترن ئي قومي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته جڏهن هو اقتدار ۾ آيو ته هو نه ڄاڻندو هو ته سندس اڳوڻي هم منصب عمران خان آءِ ايم ايف سان اهڙين شرطن تي اتفاق ڪيو هو جنهن تان بعد ۾ هن پٺتي هٽي پاڪستان جي ساک کي دنيا سان گڏوگڏ عالمي ادارن کي پڻ نقصان پهچايو، اهو ئي سبب آهي جو آءِ ايم ايف اسان کي انهن شرطن کي قبول ڪرڻ ۽ انهن تي عملدرآمد جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڪو شڪ نه آهي ته انهن حالتن سان عام ماڻهو تي بار پيو آهي. هن چيو ته عام ماڻهو جي تڪليفن کي سمجهندي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ريليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته هن چيو ته يوڪرين جي جنگ جي ڪري درآمدي ناڻي واڌ پڻ ڀاڻ ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافي جي صورت ۾ ملڪ کي متاثر ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ قومي معيشت کي پڻ متاثر ڪيو، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا پاران حڪومت جي تبديلي بابت ”شرمناڪ“ ڪوڙ پڻ غيريقيني صورتحال پيدا ڪئي. وزيراعظم چيو ته چين جهڙا دوست پاڪستان جي حمايت ڪري رهيا آهن جڏهن ته عمران خان انهن جي ڀائراڻن لاڳاپن کي ٺيس پهچائي آهي، مقامي ٽيليويزن چينلز سان گڏوگڏ برطانيا جي ڊيلي ميل جي ذريعي پي ٽي آءِ جي قيادت پاران پنهنجي خلاف هنيل بي بنياد الزامن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته برطانوي نشرياتي اداري معاشي ورتي ۽ برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي پڻ ان کي ان وقت جي حڪومت جي هنيل الزامن کان بري ڪري ڇڏيو. عمران خان جي گرفتاري جي لاءِ پوليس جي جاري ڪوششن بابت پڇڻ تي وزيراعظم چيو ته هو بيماري يا زخمي هجڻ جو بهانو بڻائي گرفتاري کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته قومي ادارن جي خلاف اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪرڻ جي باوجود عمران خان کي هر ڀيري ريليف ڏنو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي دور ۾ خواجه آصف ۽ راڻا ثناءُ الله کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو ۽ جيلن ۾ غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻايو ويو. هو عدالتن کي گهربل آهي، مون کي نه. وارنٽ گرفتاري عدالتن جاري ڪيا، مون يا انتظاميا نه. هن سوال ڪيو ته هاڻي جيڪڏهن انتظاميا عدالتي حڪم جي پابندي نه ڪندي ته ڇا ٿيندو؟ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته ڪا به سياسي پارٽي چونڊن کان انڪار نه ٿي ڪري سگهي. پارٽي صدر هجڻ جي ناطي هن اڳ ۾ ئي پارٽي وارن کي چيو هو ته اهي اليڪشن وڙهڻ جي لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جي لاءِ درخواستون جمع ڪرائين جنهن جي لاءِ هو اميدوارن جا انٽرويو پڻ ڪري رهيو هو. جڏهن ته هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي چونڊون ڪرائڻيون آهن. چونڊن جي لاءِ حڪومت جي سنجيدگي تي پنهنجي موقف کي ثابت ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪجهه سياسي پارٽين جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ خاص طور تي سنڌ ۾ اربين رپيا خرچ ڪري نئين آدمشماري ڪرائي پئي وڃي. توشه خانه جي رڪارڊ جي تشهير تي هن چيو ته هڪ مخصوص رقم ادا ڪري تحفا پاڻ وٽ رکڻ هڪ قانوني عمل آهي. جڏهن ته عمران خان کي هڪ ڀائر ملڪ مان قيمتي گهڙيءَ جو تحفو مليو ۽ ان کي دبئي ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو جڏهن ته هن هڪ مقامي واپاري کان جعلي رسيد حاصل ڪرڻ جو ڏوهاري فعل ڪيو. هن چيو ته توشه خانه جو رڪارڊ ڪابينا جي فيصلي سان گڏوگڏ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب پبلڪ ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف پارٽي ۾ ڪنهن به قسم جي اختلافن کي رد ڪندي وضاحت ڪئي ته مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز نواز شريف جي جيل ۾ رهندي به پنهنجي اڻٿڪ جدوجهد سان عهدو حاصل ڪيو. هن چيو ته مريم نواز پاران ڪنوينشنز کي خطاب ڪيو پيو وڃي، هو هڪ بيانيو ٺاهڻ کانسواءِ پارٽي کي نئين توانائي ڏئي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿيندي ڇو ته پارٽي قائد نواز شريف ڊاڪٽرن جي اجازت کانپوءِ جلد واپس ايندو. نئين آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته هن جنرل عاصم منير کي اعليٰ ترين آفيسر هجڻ ۽ بهترين ڪيريئر رکڻ جي ڪري ان عهدي تي مقرر ڪيو. هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري جي وقت حڪومت موجوده قانون تي عمل ڪيو. هن فيصلو ڪرڻ ۾ ان جي حمايت ڪرڻ تي اتحادي پارٽين جا پڻ ٿورا مڃيا. ارشد شريف جي قتل جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت پڇڻ تي هن چيو ته هن ٽي هفتا اڳ ڪينيا جي صدر سان ٻيهر ڳالهه ڪئي هئي ۽ ان کي چيو هو ته جاچ رپورٽ پڻ فراهم ڪريو. اها سپريم ڪورٽ به گهري آهي. ان کي سفاڪاڻو قتل قرار ڏيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ جيستائين ان جي خاندان کي انصاف نه ٿو ملي وڃي هو خاموش نه ويهندا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته کيس 2018ع جي چونڊن کان اڳ وزارت عظميٰ جي آڇ ڪئي وئي هئي پر هن ان آڇ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته هو پنهنجي ڀاءُ جي پٺيءَ ۾ ڇرو نه پئي هڻڻ چاهيو. جنهن ائٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو هو. سي پيڪ جي ذريعي اٽڪل 30 کان 35 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري آندي هئي.