اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي مفادن جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ انا کي آڏو اچڻ نه ڏنو ويندو، انا ملڪي مفاد کان ڪنهن به صورت ۾ مٿانهون نٿي ٿي سگهي، ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي ته ذاتي انا کي پاسي تي رکڻو پوندو، ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سڀني کي شرڪت جي دعوت ڏني پر ان جي باوجود هڪ سياسي پارٽي مناسب نه سمجهيو ته اها اجلاس ۾ شريڪ ٿئي، اڄ به اُن جي خواهش آهي ته معاملا رستن تي حل ٿين، سيڪيورٽي فورسز ملڪي سلامتي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن، ملڪي مفادن جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ انا کي آڏو اچڻ نه ڏيڻ گهرجي، معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام لازمي آهي، ملڪ جي لاءِ آءِ ايم ايف جي سخت شرطون مڃڻ تي مجبور آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو ويو هو، نواز شريف جي دور ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي سمورن اتحادين کي متحد ڪيو ويو، پشاور سانحي کانپوءِ ڪراچي ۾ به دهشتگردي جو واقعو ٿيو آهي. هن چيو ته پشاور جي افسوسناڪ سانحي کانپوءِ ايپڪس ڪميٽي جو هي ٻيو اجلاس آهي، هن اجلاس ۾ سڀني کي شرڪت جي دعوت ڏني پر ان جي باوجود هڪ سياسي پارٽي مناسب نه سمجهيو ته اها اجلاس ۾ شريڪ ٿئي، اڄ به اُن جي خواهش آهي ته معاملا رستن تي حل ٿين، ملڪي مفادن جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ انا کي آڏو اچڻ نه ڏنو ويندو، انا ملڪي مفاد کان ڪنهن به صورت ۾ مٿانهون نٿي ٿي سگهي، ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي ته ذاتي انا کي پاسي تي رکڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ کي معاشي مسئلا درپيش آهن، اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان جلد معاملا طئي ٿي ويندا، ملڪ جي لاءِ انهن جون ڪڙيون شرطون مڃڻ تي مجبور ٿيون ٿا، سياسي اتحادين رياست بچائڻ جي لاءِ پنهنجي سياست داءُ تي لڳائي آهي، اسان ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ خلوص سان ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته نيڪٽا نيشنل ايڪشن پلان تحت قائم ڪيوويو، رياست پاڪستان سڀ کان اڳ آهي باقي سڀ بعد ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي دوست ملڪن مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ دوست ملڪ مدد ڪندا، پاڪستان جي لاءِ انهن جي حصيداري وساري نه ٿي سگهجي. شهباز شريف چيو ته انسان اخلاص سان ڪوشش ڪري ٿو، جيڪڏهن گهر جون حالتون پاڻ صحيح نه ڪنداسين ته ڪير مدد لاءِ نه ايندو، انهي لاءِ حڪومت ڪفايت شعاري جي شروعات ڪئي آهي، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪارروايون ڪري رهيون آهن، جيترو جلد ان معاملي جي نزاڪت کي سمجهي وٺنداسين ايترو ئي ايندڙ نسلن جي بهتري ٿيندي، گڏيل سوچ ۽ ڪوششن سان ملڪ کي مشڪل صورتحال مان ڪڍي سگهجي ٿو. هن چيو ته اجلاس ۾ سياسي اڳواڻ، فوجي ۽ سول عملدار شريڪ آهن. هن چيو ته ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو هو، امن ۽ سڪون قائم ٿي ويو هو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي جوانن سميت پوري قوم 83 هزار ماڻهن جي جانين جي قرباني ڏني جيڪا پوري دنيا ۾ امن جي لاءِ اهم آهي، ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ، معاشي ٽائيگر بنائڻ، غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ اسان کي سمورن سياسي اختلافن کي وساري گڏيل ڪوششون ڪرڻ ۽ توانائيون استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي.