اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪفايت شعاري قدمن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جي سمورن ميمبرن رضاڪاراڻي طور تي پگهارون ۽ مراعتون نه وٺڻ ۽ وڏن سرڪاري گهرن جي وڪري جي لاءِ قانون واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، موجوده صورتحال جي ڏس ۾ ايندڙ ٻن سالن دوران ڪو انتظامي يونٽ، ڊويزن، ضلعو يا تعلقو قائم نه ڪيو ويندو، جون 2024ع تائين پرتعيش شين، سرڪاري گاڏين جي خريداري تي پابندي هوندي، بجلي جي بچت جي لاءِ سرڪاري آفيسون ساڍي 7 وڳي کلنديون، توشه خانه مان 300 ڊالر تائين ماليت جو تحفو خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي، انهن قدمن سان 200 ارب رپيا ساليانو بچت ٿيندي، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن سميت لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي، اسان آئين ۽ قانون جا پابند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سمورن ڪابينا ميمبرن رضاڪاراڻي طور تي پگهارون ۽ مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، انهن کان لگزري گاڏيون واپس ورتيون پيون وڃن، سمورا ڪابينا ميمبر ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ اڪانومي ۾ سفر ڪندا، سمورا ڪابينا ميمبر پنهنجا يوٽيلٽي بلز پاڻ ادا ڪندا، ڪابينا ميمبر ٻاهرئين دورن جي دوران فائيو اسٽار هوٽلن ۾ قيام نه ڪندا. هن چيو ته جون 2024ع تائين لگزري گاڏين جي خريداري تي پابندي هوندي، ڪابينا ميمبر، عوامي نمائندو يا سرڪاري آفيسر لگزري گاڏي تي سفر نه ڪندو، جون 2024ع تائين پرتعيش شين تي پابندي هوندي، سرڪاري آفيسرن وٽ موجود سيڪيورٽي گاڏيون واپس ورتيون پيون وڃن، ٻاهرئين ملڪ سفري خرچ ۽ قيام ۾ گهٽتائي آندي ويندي. هن چيو ته ٻن سالن تائين ڪو انتظامي يونٽ، ڊويزن، ضلعو ۽ تعلق قائم نه ڪيو ويندو، سنگل ٽريزري اڪائونٽ قائم ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته بجلي ۽ گئس جي بچت جي لاءِ گرمين ۾ آفيسون صبح ساڍي 7 وڳي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سرڪاري آفيسن ۾ گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ اوزارن جو استعمال ڪيو ويندو، سرڪاري ملازمن ۽ حڪومتي اهلڪارن کي هڪ کان وڌيڪ پلاٽ الاٽ نه ڪيو ويندو، وفاق ۽ صوبن ۾ انگريز دور جا سرڪاري گهر جيڪي ڪيترن ئي ايڪڙن تي ٻڌل آهن انهن گهرن جي وڪري لاءِ قانون واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سمورن وزارتي ۽ اداراجاتي خرچن تي 15 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي، سرڪاري تقريبن ۾ ون ڊش جي پابندي هوندي، وفاقي وزارتن، ادارن ۾ ون ڊش جي پابندي هوندي، غيرملڪي مهمانن تي اها پابندي نه هوندي جڏهن ته ڪفايت شعاري قدمن کي نظر ۾ رکيو ويندو. هن چيو ته ان تي فوري عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، ايندڙ بجيٽ ۾ سڌارن ۽ سرڪاري ادارن ۾ خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چيو ته سرڪاري آفيسرن وٽ موجود سيڪيورٽي گاڏيون واپس ورتيون پيون وڃن، رڳو خطري جي صورت ۾ سرڪاري آفيسرن کي سيڪيورٽي ڏني ويندي. هن صوبائي حڪومتن، عدليه کي درخواست ڪئي ته ڪفايت شعاري ۽ سادگي تي عمل ڪن. هن چيو ته پاڪ فوج غيرملڪي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ مثبت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته توشه خانه جي حوالي سان ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته اڄ کانپوءِ 300 ڊالر تائين جو تحفو رکي سگهبو، قانون موجب ان کان وڌيڪ قيمت جو تحفو جمع ٿي ويندو، پاڻ وٽ نه رکي سگهبو، توشه خانه جو رڪارڊ پبلڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن عوام ان جي تفصيل کان آگاهه ٿي سگهي، ڪفايت شعاري جي انهن قدمن سان 200 ارب رپين جي بچت ٿيندي، انهن قدمن جي ڪفايت شعاري جي حوايل سان ڏورس نتيجا نڪرندا، توشه خانه ۾ صدر، وزراعظم، وفاقي وزيرن، گورنرز ۽ سرڪاري آفيسرن جا تحفا ايندا آهن، انهن پابندي لاڳو هوندي، ڪفايت شعاري جا اهي سمورا قدم ايوان صدر، وزيراعظم هائوس سميت سمورن ادارن ۽ آفيسن تي لاڳو هوندا. وزيراعظم چيو ته توشه خانه جي تحفن جي آزاداڻي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪندي. هن چيو ته ملڪ ۾ پاسڪو اربين ڊالر جي ڪڻڪ درآمد ڪئي آهي ۽ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ڪا کوٽ نه آهي، هاڻي اٽي جون لائينون ختم ٿيڻ گهرجن، فلور ملز سخت قدمن جي ڏس ۾ احتجاج جي ڪال واپس ورتي، صوبن کي ضرورت موجب ڪڻڪ فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ميڊيڪل، هيلٿ ۽ ايجوڪيشن الائونسز کي قانوني تحفظ حاصل آهي، مهانگائي ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جي ڏس ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهار تمام گهٽ آهي، انهن تي وڌيڪ بار نه ٿا وجهڻ چاهيون، انهن قدمن تي ڪاميابي سان عملدرآمد کانپوءِ اشرافيه تي وڌيڪ بار وجهنداسين، انهن فيصلن تي پوري طرح عمل ڪيو ويندو، صوبن کي به ان ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته اڳ ۾ به هڪ شخص چوندو هو ته ٻاهرئين ملڪ وڏي دولت موجود آهي، 90 ڏينهن ۾ واپس آڻيندس، ان کان ان جي چار سالا حڪومتي دور ۾ پڇيو وڃي ها، هڪ فلاحي اداري جي لاءِ پئسا گڏ ڪري پنهنجي کيسن ۾ وڌا ويا، هو 90 ڏينهن ۾ 300 ارب ڊالر آڻڻ ۽ ڪرپشن جي خاتمي جي ڳالهه ڪندو هو، هن ڀائر ملڪ جي حڪمرانن پاران ڏني ويندڙ خانه ڪعبه ماڊل واري گهڙيءَ بازار ۾ وڪرو ڪري ڇڏي، ايمانداري جو دعويدار شخص ڪرپشن ۾ سڳ سوڌو پڪڙيو ويو، وزيراعظم هوندي هو جعلي رسيد تي گهڙيءَ وڪرو ڪري رهيو هو. هن چيو ته گوادر ۾ بجلي جي فراهمي جو منصوبو 9 سال ملتوي رهيو آهي، ڏينهن رات ڪم ڪري بجلي فراهم ڪئي وئي آهي، گوادر بندرگاهه تي ڪم ٺپ ٿي چڪو هو، هاڻي اتان ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي پهچ ٿي رهي آهي.